صدر ۽ وزيراعظم طرفان رمضان المبارڪ جي شروعات تي مبارڪون

اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان پاڪستانين کي رمضان المبارڪ جي شروعات تي مبارڪون ڏنيون ويون آهن، صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو الله تعاليٰ جي حضور دعاڳو آهي ته الله کين رمضان المبارڪ جي حقيقي روح کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، هن وڌيڪ دعا ڪئي ته الله پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ ترقي سان نوازي ۽ اسان جي عبادتن، دعائن ۽ نيڪ عملن کي قبول فرمائي، ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو پاڪستان سميت سموري دنيا جي مسلمانن کي رمضان المبارڪ جي بابرڪت ۽ روح پرور شروعات تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو، وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ الله تعاليٰ جي خاص نعمت آهي، جيڪا مسلمانن کي خشوع ۽ خضوع سان عبادت، تقويٰ، پرهيزگاري ۽ روحاني پاڪيزگي جهڙين مذهبي قدرن کي تازو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته روزو رڳو مذهبي فرض جي ادائيگي ناهي، پر روزمره زندگي ۾ صبر، نظم ۽ ضبط ۽ ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ جي عملي تربيت پڻ آهي، وزيراعظم ٻڌايو ته حڪومت پاڪستان ڪمزور طبقي جي هر ممڪن مدد لاءِ رمضان پيڪيج شروع ڪيو آهي، جنهن تحت مستحق ماڻهن کي باعزت نموني ڊجيٽل والٽ وسيلي مالي امداد منتقل ڪئي ويندي، ته جيئن هر گهر ۾ رمضان دوران سحري ۽ افطار جي رونق برقرار رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.