تازو ئي PRIME Institute هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب عالمي واپار جو منظرنامو تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي. روايتي تجارتي اصول، جن ۾ مقابلو، لاڳت ۽ منڊي جي طلب بنيادي عنصر سمجهيا ويندا هئا، هاڻي سياسي ترجيحن، ٻطرفي مفادن ۽ تجارتي لاڳاپن جي اثر هيٺ اچي رهيا آهن. تازو ڏينهن ۾ United States ۽ Bangladesh وچ ۾ ٿيل تجارتي معاهدو هن بدلجندڙ عالمي حقيقت جو نمايان مثال آهي، جنهن جا اثر رڳو ٻنهي ملڪن تائين محدود نه رهندا، پر خطي جي ٻين معيشتن، خاص ڪري پاڪستان تي به پئجي سگهن ٿا. بظاهر اهو روايتي گڏيل سهولت وارو معاهدو لڳي ٿو، پر ان جو اهم پهلو اهو آهي ته بنگلاديشي گارميانٽس کي ڏنل ٽيرف رعايت آمريڪي ڪپهه يا مصنوعي فائبر جي استعمال سان مشروط ڪئي وئي آهي. يعني جيڪڏهن بنگلاديشي ملبوسات آمريڪي ڪپهه استعمال ڪندا ته کين آمريڪي منڊي ۾ وڌيڪ رسائي ملندي.
هي شرط يقينن بنگلاديش جي برآمدي صنعت کي آمريڪي منڊي ۾ وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿي، پر ان جا علائقائي اثر گهرا آهن. بنگلاديش پاڪستان لاءِ ڪپهه ۽ ڪپهه تي ٻڌل شين جي اهم منڊي رهيو آهي. 2024ع ۾ پاڪستان بنگلاديش ڏانهن سوين ملين ڊالرن جي ڪپهه ۽ ڪپڙي جي برآمدات ڪيون. هاڻي جڏهن بنگلاديشي صنعتڪارن لاءِ آمريڪي ڪپهه استعمال ڪرڻ معاشي ضرورت بڻجي سگهي ٿي ته اهو ”ٽريڊ ڊائيورزن“ (واپار جي رخ جي تبديلي) جو مثال آهي، جتي ملڪ لاڳت يا معيار بدران سياسي يا معاهدي جي شرط تحت سپلائر تبديل ڪري ٿو. ان جا فوري اثر پاڪستان جي ڪپهه جي برآمدات ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا. ساڳي وقت آمريڪي منڊي ۾ بنگلاديش جي مضبوط حيثيت پاڪستاني ٽيڪسٽائل لاءِ مقابلو وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيندي.مسئلو رڳو هڪ شعبي تائين محدود ناهي. اهڙا معاهدا، جتي ڊيوٽي فري رسائي بدلي ۾ مخصوص خريداريءَ جي شرط سان جڙيل هجي، لاڳاپيل ملڪ جي صنعتي ۽ تجارتي پاليسيءَ جي لچڪ کي محدود ڪن ٿا. جڏهن خام مال چونڊڻ به معاهدي جي پابندين هيٺ اچي وڃي ته ملڪ عالمي قيمتن يا نون سپلائي چينز مطابق پاڻ کي آساني سان ترتيب نٿو ڏئي سگهي. اهو رجحان ظاهر ڪري ٿو ته عالمي واپار هاڻي صرف معاشي عمل نه رهيو آهي، پر جاگرافيائي سياست جو اهم اوزار بڻجي چڪو آهي.
اصل مسئلو اهو آهي ته پاڪستان جي تجارتي حڪمت عملي گهڻو ڪري ردِعمل تي ٻڌل رهي آهي. عالمي تبديلين کان پوءِ پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون، جڏهن ته هاڻي اڳواٽ تياري ۽ فعال حڪمت عملي ضروري آهي. جيڪڏهن عالمي واپار طاقت ۽ شرطن تحت ترتيب پيو وٺي ته پاڪستان کي به پنهنجي داخلي مقابلي جي صلاحيت وڌائڻ، پيداواري لاڳت گهٽائڻ ۽ ويليو ايڊيشن طرف وڌڻ گهرجي. ٽيڪسٽائل شعبي ۾ رڳو خام ڪپهه يا ابتدائي شيون برآمد ڪرڻ بدران تيار ملبوسات، ٽيڪنيڪل ٽيڪسٽائل ۽ برانڊڊ شين ڏانهن وڃڻ لازمي آهي. ساڳي وقت نيون منڊيون ڳولڻ، علائقائي تجارتي معاهدن ۾ مؤثر شرڪت ۽ تجارتي ڳالهين جي صلاحيت وڌائڻ وقت جي ضرورت آهي. پاڪستان کي پنهنجي صنعتي پاليسي اهڙي ترتيب ڏيڻ گهرجي جو عالمي سپلائي چين ۾ ان جو ڪردار رڳو خام مال فراهم ڪرڻ تائين محدود نه رهي. پاڪستان جيڪڏهن بدلجندڙ عالمي واپاري ماحول ۾ پنهنجي جاءِ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس رعايتي رسائيءَ تي انحصار گهٽائي پيداواري برتري تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ساڳي وقت زرعي شعبي ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ سان گڏ ان جي معيار، ٽريسي ايبلٽي ۽ سرٽيفڪيشن جو نظام عالمي معيار مطابق بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن اسان جون شيون ڪنهن به منڊي ۾ مقابلي لائق هجن، ڀلي سياسي شرطون لاڳو ڪيون وڃن. برآمدي صنعت کي توانائيءَ جي بلند لاڳت، ٽيڪس نظام جي پيچيدگين ۽ ريفنڊز ۾ دير جهڙن مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ به اڻٽر آهي. پاڪستان روايتي سوچ کان نڪري علم، تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ ويليو ايڊيشن تي ٻڌل معيشت ڏانهن قدم وڌائي، ته جيئن عالمي واپار جي بدلجندڙ بساط تي اسان رڳو تماشائي نه، پر هڪ فعال ۽ باوقار رانديگر طور اڀري سگهون.