سنڌ ۾ وڌندڙ روڊ حادثن کي روڪڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن

ڪراچي جي ايم-9 سپر هاءِ وي تي ڊي ايڇ اي سٽي ڀرسان پيش آيل خوفناڪ حادثي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي شاهراهن جي حالت تي سوال اٿاري ڇڏيو آهي. هڪ هاءِ ايس وين ۽ ٻن ٽرڪن جي ٽڪر ۾ هڪ عورت ۽ هڪ معصوم ٻار سميت چار ڄڻا حياتيءَ جي جنگ هارائي ويٺا، جڏهن ته ڏهه کان وڌيڪ زخمي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. فوتين ۾ حميده زال غلام رسول، عبدالباري ولد نور محمد ۽ ولي محمد ولد نور محمد شامل آهن. زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.  حادثي کان پوءِ مراد علي شاهه ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ رپورٽ طلب ڪئي، جڏهن ته جاويد عالم اوڍو پڻ افسوس جو اظهار ڪيو.

سنڌ جي شاهراهن تي سفر ڪرڻ هاڻي خطري کان خالي ناهي رهيو. ايم-9، انڊس هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي ۽ ٻين اهم رستن تي هيوي ٽريفڪ جو دٻاءُ، اوورلوڊ ٽرڪون بي ترتيب يو ٽرن حادثن جا بنيادي ڪارڻ بڻيل آهن. ڪيترن هنڌن تي ايمرجنسي لينون يا ته موجود ناهن يا انهن تي به عام ٽريفڪ هلي ٿي. حفاظتي سائن بورڊ يا ته غائب آهن يا غيرواضح. رات جو ڊرائيونگ ڪرڻ ڄڻ ڪنهن خطري سان مقابلو ڪرڻ برابر ٿي وڃي ٿو. ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي عام آهي ۽ عملدرآمد ڪمزور، جنهن ڪري حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

سنڌ جي روڊن تي موت جو راڄ قائم ٿيل آهي. وفاقي حڪومت، ايف ڊبليو او، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ سنڌ حڪومت ٽول پلازن جي نالي تي مهيني جا ڪروڙين رپيا وصول ڪن ٿيون، پر روڊن جي حالت انتهائي خراب آهي. جيڪڏهن عوام کان هر سفر تي ٽول ورتو وڃي ٿو ته پوءِ اهو پئسو ڪٿي ٿو خرچ ٿئي؟ ڇا انهن وسيلن مان باقاعده مرمت، نگراني، اسٽرڪچرل آڊٽ ۽ حفاظتي اپائن تي خرچ ٿئي ٿو يا نه؟ يا پوءِ ٽول عوام لاءِ بار ۽ ادارن لاءِ آمدنيءَ جو ذريعو بڻجي چڪو آهي؟ هلندڙ مهيني دوران خراب روڊن سبب لڳ ڀڳ 50 کن جانيون ضايع ٿيون آهن  يقينن انتظامي ذميواري حڪمرانن تي عائد ٿئي ٿي، ڇو ته پاليسيون، بجيٽون ۽ نگراني انهن جي دائري ۾ اچن ٿيون. پر ان سان گڏ ادارتي نااهلي، ڪرپشن، ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت، نگرانيءَ جي کوٽ ۽ قانون تي عملدرآمد جي ڪمزوري به هن الميي جو اهم حصو آهن. اسان وٽ اڪثر حادثن کان پوءِ جاچ ڪميٽيون ٺهن ٿيون، رپورٽون تيار ٿين ٿيون، پر نتيجا عوام آڏو شفاف نموني پيش ناهن ڪيا ويندا. ڪنهن اعليٰ آفيسر، انجنيئر، ٺيڪيدار يا ذميوار اداري خلاف اهڙي ڪارروائي گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا ٻين لاءِ سبق بڻجي. نتيجي ۾ غفلت جو سلسلو جاري رهي ٿو ۽ شاهراهون موت جو ميدان بڻيل رهن ٿيون. جڏهن احتساب جو خوف ختم ٿي وڃي ته لاپرواهي عام بڻجي وڃي ٿي.

انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي جهڙن رستن تي ايمرجنسي سهولتن جي کوٽ هڪ سنگين انساني الميو آهي. ڪيترن علائقن ۾ ويجهو ڪو ٽراما سينٽر موجود ناهي. ايمبولينس سروس محدود آهي يا واقعي جي هنڌ تي پهچڻ ۾ گهڻي دير ڪري ٿي. زخمين کي ڪلاڪن تائين اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ دير ٿئي ٿي، جنهن سبب بچي سگهندڙ جانيون به ضايع ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن ان دوران مناسب علاج ملي وڃي ته زندگي بچي سگهي ٿي. جيڪڏهن هر 50 يا 100 ڪلوميٽرن تي جديد ٽراما سينٽر، ايمرجنسي ريسپانس يونٽ ۽ هيليڪاپٽر ايمبولينس سروس جو نظام هجي ته ڪيترين زندگين کي بچائي سگهجي ٿو. ٽريفڪ ڪلچر به هن بحث کان الڳ ناهي. اوور اسپيڊنگ، خطرناڪ اوور ٽيڪنگ، بنا فٽنيس گاڏيون، نشي ۾ ڊرائيونگ، اوورلوڊنگ ۽ ڊگها روٽ بغير آرام جي طئي ڪرڻ حادثن جا سبب بڻيل آهن. ڪيترائي ڊرائيور ڪمپنين جي دٻاءَ هيٺ وقت بچائڻ لاءِ رفتار وڌائين ٿا، جنهن جي قيمت بيگناهه مسافر ڀرين ٿا. جيڪڏهن قانون تي سختي سان عمل ڪرائي وڃي، اسمارٽ ڪيمرا سسٽم فعال ڪيا وڃن، ڏنڊ وڌايا وڃن، لائسنس معطل ڪيا وڃن ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ جي باقاعده، شفاف جاچ ٿئي ته حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون. پر ان لاءِ ارادو، مستقل مزاجي ۽ سياسي مداخلت کان پاڪ عملدرآمد ضروري آهي.

اسان جي حڪمرانن وٽ ترقيءَ جا وڏا دعويٰ آهن. نيون اسڪيمون، فلائي اوورز، انڊر پاسز ۽ موٽر ويز جوڙڻ جا اعلان ٿين ٿا. پر جيڪڏهن بنيادي شاهراهن تي سفر ڪندڙ ماڻهو پاڻ کي محفوظ محسوس نٿا ڪن ته پوءِ اها ترقي اڌوري آهي. ترقي رڳو ڪنڪريٽ ۽ اسفالٽ جو نالو ناهي، ترقي انساني جان جي تحفظ، معيار ۽ وقار جو نالو آهي. هڪ اهڙو سماج جيڪو پنهنجن شهرين کي محفوظ سفر فراهم نٿو ڪري سگهي، اهو ترقيءَ جي تعريف ٻيهر لکي نٿو سگهي. هاڻي ضرورت آهي ته ٽول ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ جو شفاف آڊٽ ڪيو وڃي ۽ عوام آڏو تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. روڊن جي حالت جو آزاداڻو جائزو ورتو وڃي. خراب حصن جي فوري مرمت ڪئي وڃي ۽ ڊگهي مدي واري بحاليءَ جو منصوبو ترتيب ڏنو وڃي. اوورلوڊنگ خلاف بنا ڪنهن سياسي يا ڪاروباري دٻاءَ جي ڪارروائي ڪئي وڃي. ايمرجنسي سهولتن جو مضبوط ۽ مربوط نيٽ ورڪ قائم ڪيو وڃي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه، جيڪڏهن ڪنهن منصوبي ۾ ڪرپشن، ناقص تعمير يا غفلت ثابت ٿئي ته لاڳاپيل ماڻهن خلاف سخت ۽ مثال بڻجندڙ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ته جيئن وڌندڙ خوني حادثن کي  ٻنجو اچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.