حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ٽي ڏينهن اڳ ويگو جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل ٽن ڄڻن جي وارثن انصاف جي اپيل ڪئي آهي.
حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي جي حد واڌو واهه روڊ تي 3 ڏينهن اڳ اٽڪل صبح 5 وڳي هڪ تيز رفتار ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار اختر وهاب، عليم سميجو ۽ نصير فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته هڪ ڄڻو شفيق زخمي ٿي پيو هو، جنهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
فوتين جي وارثن الزام هنيو آهي ته ويگو جو ڊرائيور نشي ۾ ڌت هو ۽ حادثي کانپوءِ فرار ٿي ويو.
هنن وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي حيدرآباد کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.
You might also like