ڪوئيٽا ۽ بارکان ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروائيون، 14 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي ڪوئيٽا ۽ بارکان ۾ ڪارروائين دوران 14 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪوئيٽا جي علائقي درخشان ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿيا.
ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو، سندن تعلق ڪالعدم تنظيم سان ٻڌايو پيو وڃي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.
هوڏانهن سي ٽي ڊي بارکان ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد تخريبي ڪارروائين ۾ ملوث هئا ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.