ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اڍائي سالن کان هي حڪومت چئي رهي آهي ته اسان ڊيفالٽ ڏانهن نه پيا وڃون،اها ڳالهه ٺيڪ آهي،ملڪ ۾ استحڪام اچي چڪو آهي،اهو استحڪام غريب ماڻهن جون نوڪريون کسي آندو ويو آهي ته ان استحڪام جو ڪهڙو فائدو؟استحڪام پيٽرول،بجلي جا اگهه وڌائي،ٽيڪس لڳائي،بيروزگاري ۽ غربت وڌائي آندو ويو آهي ته پوءِ اسان کي سوچڻو پوندو ته اسان بنيادي سڌارا ڪرڻا هئا اهي ته ڪريون،هن چيو ته ڪالهه تيل اگهه وڌا ويا آهن پر ڪالهه هڪ ٻي خبر به آئي آهي ته پنجاب حڪومت 1170 ارب رپين جو هڪ جهاز خريد ڪيو آهي ٻئي پاسي ماڻهن کان ٻارن جو کير ۽ ڪاپيون خريدڻ تي 18 سيڪڙو ٽيڪس وٺندا ته اهو تمام وڏو تضاد آهي،عوام کان قربانيون وٺي رهيا آهيو ۽ حڪمران عياشيون ڪري رهيا آهن.