فيبروري 2026 لاءِ دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽس جي فهرست سامهون اچي وئي، جنهن ۾ سنگاپور پهرئين نمبر تي برقرار رهيو، جڏهن ته پاڪستاني پاسپورٽ جي پوزيشن ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي.
تازي فهرست ۾ سنگاپور جي پاسپورٽ کي دنيا جو سڀ کان طاقتور پاسپورٽ قرار ڏنو ويو، سنگاپور جو پاسپورٽ رکندڙ 192 ملڪن ۾ بنا ويزا سفر ڪري سگهن ٿا.
ٻئي نمبر تي جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏيل طور موجود آهن، جتان جا شهري 187 ملڪن تائين ويزا فري پهچ رکن ٿا.
ٽئين نمبر تي سويڊن ۽ يو اي اي جا پاسپورٽ رهيا، جن ذريعي 186 ملڪن ۾ ويزا بنا داخلا ممڪن آهي، اهو پهريون ڀيرو آهي جو يو اي اي جو پاسپورٽ ٽئين نمبر تي پهتو آهي.
چوٿين نمبر تي 185 ملڪن تائين ويزا فري پهچ سان ڊنمارڪ، لڪسمبرگ، اسپين، آسٽريا، بيلجيم، آئرلينڊ، فرانس، جرمني، ناروي، فن لينڊ، نيدرلينڊز ۽ سوئٽزرلينڊ شامل آهن.
پنجين نمبر تي پرتگال، يونان ۽ مالٽا رهيا، جن جي پاسپورٽس سان 184 ملڪن ۾ ويزا فري سفر ممڪن آهي.
تازي درجابندي ۾ پاڪستاني پاسپورٽ هڪ درجو بهتر ٿي 97هين نمبر تي اچي ويو آهي ۽ اهو پاسپورٽ رکندڙ شهرين کي 32 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا جي سهولت حاصل آهي.
پاڪستان کانپوءِ يمن 98هين، عراق 99هين، شام 100هين ۽ افغانستان 101هين نمبر تي رهيا.
خطي جي ٻين اهم ملڪن ۾ ڀارت 80هين، چين 59هين ۽ ايران 92هين نمبر تي رهيو.
Prev Post
سنگين صورتحال ناهي، عمران خان آخري سِٽ نٿو پڙهي سگهي ته هن عمر ۾ اسان به نٿا پڙهي سگهون: شير افضل
Next Post
You might also like