سنگين صورتحال ناهي، عمران خان آخري سِٽ نٿو پڙهي سگهي ته هن عمر ۾ اسان به نٿا پڙهي سگهون: شير افضل

سينيئر سياستدان شير افضل مروت پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني جي رپورٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڊاڪٽرن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته عمران خان ساڄي اک سان آخري لائن نٿو پڙهي سگهي، هن عمر ۾ اسان به آخري لائن نٿا پڙهي سگهون، اها ڪا سنگين صورتحال ناهي.
هن چيو اسان جو خيال هو ته عمران خان جي 85 سيڪڙو اک ضايع ٿي وئي آهي پر اک ضايع ناهي ٿي، کيس اهڪ انجيڪشن لڳو آهي ۽ ٻيو 25 تي لڳندو، ان سان بلڊ جو ڪلاٽ ختم ٿي ويو آهي.
رستن جي بندش بابت شير افضل مروت چيو ته خيبر پختونخواهه جي ماڻهن پي ٽي آءِ کي حڪومت ڏني آهي ته انهن روڊ ڇو بند ڪيا؟ ڪي پي ۾ پلون ۽ روڊ بند ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، بند ڪرڻو آهي ته اسلام آباد کي ڪيو، اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.