برسات ۾ آسٽريليا جون اميدون به لڙهي ويون، ورلڊ ڪپ کان ٻاهر، زمبابوي سپر 8 ۾ داخل

پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ زمبابوي ۽ آئرلينڊ جي ميچ برسات سبب رد ڪئي وئي ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ زمبابوي جي ٽيم سپر 8 مرحلي ۾ پهچي وئي، جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي.
زمبابوي ۽ آئرلينڊ جي ميچ پاليڪيلي ۾ ٿيڻي هئي پر برسات سبب ميچ نه ٿي سگهي ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ملي وئي.
زمبابوي کي سپر 8 مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ رڳو هڪ پوائنٽ جي ضرورت هئي ۽ هاڻ ان جون گروپ بي ۾ 3 ميچن کانپوءِ 5 پوائنٽون ٿي ويون آهن.
گروپ بي ۾ آسٽريليا جون 3 ميچن کانپوءِ رڳو پوائنٽون هيون، جنهن سبب ڪينگروز ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿي ويا.
واضح رهي ته گروپ بي مان سريلنڪا جي ٽيم سڀئي ميچون کٽي اڳ ئي سپر 8 ۾ پهچي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.