سلمان خان جو پيءُ سليم خان طبعيت بگڙڻ تي آءِ سي يو منتقل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اسڪرين رائيٽر ۽ اداڪار سلمان خان جي پيءُ سليم خان کي طبعيت ناساز ٿيڻ تي آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو.
90 ورهين جي سليم خان کي اڱاري جي صبح طبعيت بگڙڻ تي ممبئي جي ليلاورتي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سليم خان جي طبعيت بهتر آهي پر سندس طبي حالت تي نگراني جاري آهي.
خاندان طرفان رازداري جي درخواست تي اسپتال في الحال وڌيڪ طبي تفصيل جاري ناهن ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.