سون جي اگهه ۾ اڄ به هزارين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي آهي.
9 هزار رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 5 لک 14 هزار 762 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 7 هزار 716 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 41 هزار 325 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 90 ڊالر گهٽجڻ سان 4920 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.