وهاڙي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي رزداري هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڏيڍ سال ۾ انهن جون رڙيون شروع ٿي ويون، سياست ۾ ته ائين ٿيندو آهي، جيڪڏهن برداشت نٿا ڪري سگهو ته ٻيو ڪو آسان ڪم ڪيو.
وهاڙي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته هارين کي سهولتن جي فراهمي وقت جي ضرورت آهي، زرعي شعبي جي بهتري سان ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، ملڪ ۾ هر قسم جي نعمت موجود آهي، رڳو تسلسل ۽ سوچ ناهي.
هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه جي رڳ آهي، ان جي هڪ انچ تي به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، شهيد ڀٽو علاقائي خطرن کي ڏسندي پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو.
سندس چوڻ هو ته حڪمراني لاءِ لچڪ ۽ سياسي بالغپڻو ضروري آهي، سياسي سهڪار انتهاپسنداڻي رجحانن کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، ڄاڻان ٿو ته بلوچستان جي عوام کي ڏک آهي پر ملڪ جون حالتون اڳ کان بهتر آهن، مڪمل بهتر ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، اسان سنڌ ۽ بلوچستان تائين محدود آهيون، پنجاب ۾ اسان جي حڪومت ناهي، جڏهن ته ڪي پي جي پنهنجي سوچ آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪي پي حڪومت مارڪٽ تي لهي پئي آهي، انهن کي ملڪ ناهي ٺاهڻو، ماڻهن جا ڪم ناهن ڪرڻا، ڪي پي حڪومت ڪو ڪم ناهي ڪيو.
هن چيو ته ملڪ هڪ سال بيهجي وڃي ته 10 سال پوئتي هليو ويندو آهي، هي ملڪ 4 سال بيهجي ويو هو، هڪ شخص کي روز ڀاشڻ ڏيڻ جي عادت هئي، ڏيڍ سال ناهي ٿيو انهن جون رڙيون شروع ٿي ويون، پٽ ٿو چئي ته ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، مان 14 سال جيل ڪاٽي، پنهنجي ٻارن سان جڏهن مليس ته انهن جو قد مون کان وڏو هو، اهي تڪليفون ته توهان کي برداشت ڪرڻيون آهن، اهو ته زندگي جو حصو آهي، جيڪڏهن برداشت نٿا ڪري سگهو ته ٻيو ڪو سولو ڪم ڪيو.
سياست ۾ تڪليف برداشت نٿا ڪري سگهو ته ٻيو ڪو ڪم ڪيو: صدر زرداري جي وري عمران خان تي تنقيد
You might also like