راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندي 12 خارجين کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته دهشتگردن جي ڌماڪي ۾ 11 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 16 فيبروري تي باجوڙ ضلعي ۾ فتنه الهندستان بزدلاڻو حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ جهڙپ ٿي، جنهن ۾ 12 خارجي ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته حملي آورن چيڪ پوسٽ جي سيڪيورٽي ٽوڙڻ چاهي پر ناڪام رهيا، جنهن کانپوءِ حملي آورن ڌماڪيدار گاڏي چيڪ پوسٽ جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي سان ويجهي عمارتن کي به نقصان پهتو، جنهن ۾ هڪ ڇوڪري شهيد ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
You might also like