محسن نقوي عمران خان جي علاج ۾ دير جو ذميوار عليمه خان کي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته عليمه خان عمران خان جي بيماري کي ڪيش ڪرائڻ چاهيو، عليمه خان سدائين عمران خان جي علاج لاءِ منع ڪندي رهي، هن پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي چيو ته جيڪڏهن اسان راضي ٿي وياسين ته معاملو ٿڌو ٿي ويندو.
لاهور ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي نظر جي معاملي تي پروپيگنڊا ڪئي وئي، اسان عمران خان جي صحت جي معاملي کي سياست جو رنگ ڏيڻ نٿا چاهيون، اسان مخالف ڌر سان رابطي ۾ هئاسين ۽ کين خاطري ڪرائي ته عمران خان کي علاج جون هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، اسان پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اکين جي ماهر ڊاڪٽر جو نالو ڏيڻ لاءِ به چيو، اسان کي چيو ويو ته عمران خان کي هڪ هفتي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو وڃي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي اک جي معائني لاءِ بهترين ڊاڪٽرن جي چونڊ ڪئي وئي، انهن ڊاڪٽرن پي ٽي آءِ قيادت کي ڄاڻ ڏني ته عمران خان جو بهترين علاج ٿي رهيو آهي، محمود خان اچڪزئي جي خط لکڻ کان اڳ ئي اسان مخالف ڌر سان رابطي ۾ هئاسين، اسين چاهيو ته پي ٽي آءِ قيادت جي موجودگي ۾ معائنو ٿئي، بهترين سرڪاري ۽ پرائيويٽ ڊاڪٽرن عمران خان جو معائنو ڪيو پر رستا بند ڪري عوام کي تڪليف ڏني وئي.
محسن نقوي چيو ته ڪجهه ماڻهو عمران خان جي صحت کان وڌيڪ پنهنجي سياست بابت فڪرمند آهن، ان حوالي سان افراتفري پکيڙڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، توڙي جو ميڊيڪل رپورٽ بلڪل ٺيڪ آهي ۽ ڊاڪٽرن به اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان جي علاج واري معاملي تي بي بنياد سياست ڪئي پئي وڃي، ميڊيڪل رپورٽ سڀني جي سامهون آهي، پروپيگنڊا بند ٿيڻ گهرجي، اسين هاڻ به چئون ٿا ته جيڪڏهن ڪا ٽيسٽ رهجي وئي آهي ته ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.