ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي نئين چونڊيل وزيراعظم طارق رحمان حلف کڻي ورتو.
ڍاڪا ۾ نئين حڪومت جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن ۾ پاڪستان طرفان وفاقي وزير احسن اقبال شريڪ ٿيو.
ان کان اڳ بي اين پي جي پارليامينٽ ميمبرن گڏيل طور طارق رحمان کي قائد ايوان ۽ وزيراعظم چونڊيو.
بنگلاديش جي عبوري سربراهه ۽ نوبيل امن انعام يافته اڳواڻ محمد يونس قوم کي الوداعي خطاب ۾ چيو ته جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ بنيادي حقن جو سفر جاري رهڻ گهرجن، عبوري حڪومت اڄ پنهنجون ذميواريون مڪمل ڪري رهي آهي ۽ عوام جي فيصلي جو احترام ڪندي اقتدار نئين چوڊيل قيادت کي منتقل ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته عام چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنل پارٽي (بي اين پي) اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي هئي.
You might also like