پيرڳوٺ ڀرسان دوست سان گهران نڪتل نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي) پيرڳوٺ ڀرسان دوست سان گهران نڪتل نوجوان جو سنڌو درياهه مان گوليون لڳل  ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ گهوگهي مڱڻيجا جي رهواسي 25 ورهين جي غلام حيدر مڱڻيجو جو ڪچي ۾ سنڌو درياهه مان گوليون لڳل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، وارثن جي پهچڻ بعد سندس سڃاڻپ ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نوجوان غلام حيدر مڱڻيجو کي هڪ هفتو اڳ سندس دوست ڪڪڙ وٺي ڏيڻ لاءِ گهران سڏ ڪري وٺي ويو جنهن بعد هو مسلسل گم هو اڄ سنڌو درياهه مان گوليون لڳل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف برادي جتوئي پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو سنڌو درياهه مان گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.