ڪراچي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽرالر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار هڪ شخص فوت ٿي ويو، پوليس موجب هي واقعو ڪلفٽن شان سرڪل جي ويجهو پيش آيو، جتي ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪرهنيو، پوليس ٻڌايو ته ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ٻيو شخص زخمي پڻ ٿيو، واقعي بعد پوليس ٽرالر جي ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هيوي گاڏي به قبضي ۾ ورتي وئي، ٻئي پاسي دائود چورنگي جي قريب تيز رفتاري ۽ ٽريفڪ اهلڪار سان جهيڙو ڪرڻ واري ڪار ڊرائيور کي ساٿي سوڌو گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.