ٽنڊو آدم(پ ر) عوامي تحريڪ جي سينيئر ساٿي، رسول بخش پليجي جي ڏنل پورھيت انقلابي نظريي ۽ واٽ تي ساھ جي آخري پساھ تائين جدوجھد ڪندڙ محمد حيات ٿھيم جي پھرين ورسي جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڪريمداد شورو لڳ ٽنڊو آدم ۾ جلسو ڪيو ويو، جلسي عام کان اڳ محمد حيات ٿهيم جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي کيس سلامي ڏني وئي، جلسي ۾ عوامي تحريڪ سميت آبادگارن ۽ ھارين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ضلعي صدر عطاءُ الله انڙ، ھوشو خاصخيلي، راڻو ڪنڍاڻي، عقيل ماڪوڙاڻي، علي نواز ڏاھري، حاجي غلام قادر ماڪوڙاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته محمد حيات ٿھيم عوامي تحريڪ طرفان ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ دشمن مسئلن خلاف ٿيندڙ پيادل لانگ مارچن، جلسن جلوسن ۾ سرگرمي سان ڪردار ادا ڪندو رھيو، حڪمرانن سنڌ جي پاڻي، زمينن، معدني وسيلن تي ڌاڙا ھڻڻ ۽ قبضو ڪرڻ لاءِ ارغونن، ترخانن ۽ مدد خانن حملي کان وڌيڪ حملو ڪيو آھي، سنڌ جو گورنر نواز ليگ جي وفاقي حڪومت جي آشير واد سان ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري نئون اسرائيل ٺاھڻ جي مھم ھلائي رھيو آھي، سنڌ جي گورنر کي جلد ھٽايو وڃي، پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن جي مرضي سان سنڌ ۾ منشيات گُٽڪو، آئس، ايڪيھ سو، ھيروئن، چرس، آفيم، شراب،مائو دڪانن تي وکر وانگر وڪامجي رهي آهي.