لاهور(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي سهيل وڙائچ چيو آهي ته اسان جي مک ميڊيا جي ساک وڏي تيزي سان خراب ٿي آهي. ميڊيا ۾ سچ نه لکيو وڃي ٿو، حقيقتون لڪايون وڃن ٿيون، ۽ گهڻو ڪجهه غلط بيان ڪيو وڃي ٿو،لاهور ۾ فيض احمد فيض فيسٽيول کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ٻه مارشلائون ڏٺيون آهن،هر دور ۾ حڪومتون ظالم رهيون آهن، پاڪستان ۾ هر دور ۾ سچ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هي پهرين بيوقوف حڪومت آهي، جيڪا اهو به نه سمجهي سگهي ٿي ته سچ توهان جي حق ۾ آهي يا خلاف؟سينئر صحافي حامد مير سوال ڪيو ته ڪاروان درد جي ڪا دوا آهي؟سهيل وڙائچ چيو ته پاڪستان جي منزل صرف ۽ صرف آئيني حڪومت آهي،پاڪستان 55 اهڙن اسلامي ملڪن مان هڪ آهي جنهن جي آئين ۾ جمهوري آزاديون موجود آهن ۽ اسلام پڻ، ۽ 1973 ۾ ٺهيل آئين اسان جي راهنمائي ڪري ٿو. پر 26هين ۽ 27هين ترميم جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، جنهن تي شديد اختلاف آهي، هن چيو ته مان انتظار ڪريان پيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ منهنجي مينڊيٽ مطابق حڪمران اچي وڃن ته اهي ترميمون اڏائي ڇڏينداسين،اسان پنهنجي پسند جو به غيرجانبدار چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرائينداسين،هن چيو ته مزاحمت جاري رکڻي آهي،شيون پنهنجي پاڻ واپس اچي وينديون آهن، هن چيو ته ميڊيا کي آزاد رکڻ ضروري آهي، جيئن صحافي سچ ٻڌائي سگهن. فيض احمد فيض ۽ پاڪستان جي جهموري اڳواڻن اسان کي سکيو آهي ته پرامن آئيني جدوجهد ۽ مزاحمت هميشه جاري رکڻ گهرجي،1973ع جي آئين جي بحالي اصل پاڪستان جي بحالي آهي،هن چيو ته جيڪي ماڻهو فوج جي ڪلهن تي چڙهي آيا انهن جو به وارو اچي ويو،ٻين جي حقن لاءِ وڙهڻ سان توهان جو پنهنجو حق محفوظ رهي ٿو، اسان پنهنجي اڳواڻ جي عشق ۾ هن جون غلطيون ۽ آئين سان کلواڙ وساري ڇڏيون ٿا، جنهن ڏينهن توهان جي مخالف کي سختي شروع ٿئي ٿي ان کان توهان جي بندوبست جي تياري به شروع ٿي وڃي ٿي،زيادتي توهان جي مخالف سان به ٿي رهي آهي ته ان تي به پنهنجو آواز بلند ڪريو،حامد مير تقريب ۾ ويٺلن جي ڀرپور تاڙين تي چيو ته اهو فيض احمد فيض جو ڏنل فيض آهي جو توهان پنهنجي تاڙين سان پنهنجي درد جو اظهار ڪري رهيا آهيو،سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته اسان جڏهن به ڪنهن گورنر،وڏي وزير يا ٻئي وڏي عهدي واري جي پريس ڪانفرنس ٻڌڻ وڃون ٿا ته مان کين چوندو آهيان ته ڏسو هي ڪرسي هتي ئي رهڻي آهي،اسان به هتي ئي رهنداسين،رڳو توهان تبديل ٿي ويندا،هن چيو ته جنهن آئين جي اسان ڳالهه ڪري رهيا آهيون ان کي لتاڙي توهان حڪومت بڻائي ڇڏيو ٿا اها حڪومت توهان هلائي ته سگهو ٿا پر اها حڪومت ڪڏهن به ماڻهن جو اعتبار کٽي نٿي سگهي،اسان جي بدقسمتي آهي ته ميثاق جمهوريت کي ڇيهو پهچايو ويو،هن چيو ته وڏو مسئلو ته هن ملڪ جي عدليه آهي،مون کي انصاف نه پيو ملي،اهي منصف پاڻ ئي قيدي بڻيل آهن،اسان کي ڪهڙو انصاف ڏيندا؟هن چيو ته ان ملڪ ۾ اپوزيشن جماعتن کي اسپيس نه هجي،ميڊيا تي پابنديون هجن ڇا مان ان کي جمهوريت چئي سگهان ٿو؟هن ملڪ ۾ آئين موجود آهي،آئين جي حڪمراني موجود ناهي،رڳو حڪمرانن جو قانون آهي،هن چيو ته اسان کي آئين جي حڪمراني جي جدوجهد ڪرڻي آهي،آئين جي حڪمراني هوندي ته ميڊيا آزاد هوندي،هن چيو ته احمد رضا قصوري سان اسان کي به اختلاف هوندو جڏهن 71ع ۾ نيوز پيپر ايڪٽ ٺهي رهيو هو هن چيو هو ته اسان کي ملڪ ۾ ميڊيا کي آزاد رکڻو آهي ته جيئن ميڊيا اسان کي به آزادي ڏياري سگهي،هن چيو ته هر حڪمران جو اهو مسئلو رهيو آهي ته تنقيد برداشت نٿي ٿئي،هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين گرفتاري فيض احمد فيض جي هئي، هن کي 1948ع ۾ روزاني امروز جي خبر تي پاڪستان سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو هو،محمود قصوري هن جي ضمانت لاءِ درخواست ڏني ته فيض احمد فيض ضمانت وٺڻ کان ئي انڪار ڪيو هن اهو چيو ته مان هن ايڪٽ کي نٿو مڃان،هن چيو ته اسان فيض احمد فيض جي صحافتي خدمتن کي تمام گهٽ اجاگر ڪيو آهي،هن ملڪ ۾ مادر پدر پابنديون رهيون آهن،حڪمران جيترا ڪارا قانون آڻيندا اهي انهن جي ڳچيءَ ۾ پوندا، هن چيو ته 16 ڊسمبر تي ڊان اخبار ۾ ڍاڪا سانحي جي تمام ننڍڙي خبر ڇپجي،ان کان اڳ اهڙيون سرخيون لڳي رهيون آهن ڄڻ اسان وڏيون فتحون حاصل ڪري رهيا هجون،هن چيو ته اسان هميشه ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون،توهان صحافين کي ماريندا رهيا پر اظهار راءِ جو آواز ان کان وڌيڪ بلند ٿيندو رهيو، ووٽ ۽ عوام کي عزت ڏيو،هن چيو ته خدا جي واسطي پراجيڪٽ جي فيڪٽري بند ڪريو،سياسي جماعتون ٺاهڻ ۽ حڪومتون ڊاهڻ جو عمل روڪيو وڃي،مقبوليت کي جيستائين قبول نٿو ڪيو وڃي هن ملڪ جو سسٽم ٺيڪ نه ٿيندو،سينئر صحافي حامد مير چيو ته عمران خان جي دور ۾ جڏهن اپوزيشن ليڊر شهبازشريف هو تڏهن پيڪا ايڪٽ خلاف اسان احتجاج ڪري رهيا هئاسين،شهبازشريف اسان سان ايڪتا لاءِ پارليامينٽ هائوس آڏو آيو هو هن سان گڏ بلاول ڀٽو به آيو هو، هن چيو ته اسان فيض احمد فيض جا چاهيندڙ آهيون جنهن زندگي ۾ ڪڏهن ڪنهن جي خلاف گٿو لفظ نه ڳالهايو،مادر پدر آزادي نٿا گهرون،هن چيو ته پراجيڪٽ جي فيڪٽري ۽ غدار بڻائڻ جي فيڪٽري بند ڪئي وڃي،ڪاروان درد جي اصل منزل 1973ع جي اصل آئين تي عملدرآمد آهي،