موسمياتي دٻاءَ ۽ آفتن بابت فوري تياري ڪرڻي پوندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايشيا-پئسفڪ خطو تيز رفتار شهرڪاري، رهائشي  کوٽ ۽ موسمي خطرن جي ڪري شديد دٻاءَ محسوس ڪري رهيو آهي ۽ ماحولياتي مضبوط رهائش، جامع منصوبابندي ۽ آفتن لاءِ تياري فوري طور اختيار ڪرڻي پوندي. ٽن ڏينهن واري ايشيا-پئسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم (APSSF) 2026 ۾، سيد مراد علي شاهه زور ڏنو ته پناهه گاھون ۽ انساني آباديون رڳو  بنيادي ڍانچي جا مسئلا نه، پر وقار، برابري ۽ سماجي استحڪام جا بنيادي ٿنڀ  آهن. فورم ۾ 41 ملڪن مان 600 مندوبين، بين الاقوامي ادارا، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي جا نمائندا حصو ورتو. وڏي وزير SPHF پروگرام جو حوالو ڏيندي چيو ته 2.1 ملين ماحولياتي طور مضبوط گهرن سان 15 ملين ماڻهن کي فائدو پهچندو، ۽ عورتن جي مالڪي تي زور ڏنو ويو. فورم ۾ ماحولياتي مضبوط رهائش، موسمياتي موافقت ۽ شراڪتداري کي عملي نفاذ ۾ بدلڻ تي بحث ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.