ڪراچي (رپورٽر) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته تحريڪ انصاف نئون پاڪستان ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندي هئي، پر نئون ته ٺهيو ئي ناهي پراڻو پاڪستان به تباهه ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ حاجي ڪيمپ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار محمد يوسف چيو ته حج پانڌيئڙا ملڪ جا سفير هوندا آهن، 2026ع ۾ حاجين کي بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻي رهي آهي، هن حج معاملن ۾ سعودي عرب جي سهڪار تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪيو، هن چيو ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نوان صوبا يا انتظامي يونٽس بڻجڻ گهرجن، سنڌ مان 29 هزار حاجي سڳورا ڪراچي مان روانا ٿيندا، انهن جي ايئرپورٽ تي لهڻ کان پوءِ سڌو عمارتن ۾ داخل ٿيندا، جنهن سان سهولتن ۾ آساني ٿيندي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ حاجين کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد مان سڀ کان وڌيڪ حاجي ويندا آهن ۽ انهن لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن، هن چيو ته هو به هزارا ٺاهڻ جو خواهشمند آهي، ٽي ڀيرا ڪي پي ڪي اسيمبلي مان قراردادون منظور ٿي چڪيون آهن، صوبن يا انتظامي يونٽن جي ضرورت آهي ته جيئن ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن، ۽ هو ان حوالي سان تحريڪ هلائي رهيا آهن.