حڪمرانن سنڌ کي منشيات جو اڏو بڻائي ڇڏيو آهي:عوامي تحريڪ

پڊعيدن (پ ر) عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي تباهي، غربت ۽ پسماندگي جو اصل سبب حڪمرانن جون غلط،  عوام دشمن ۽ سامراج نواز پاليسيون آهن، سنڌ جو پورهيت طبقو شعور جي هٿيار سان ئي پنهنجي حقن جي جنگ کٽي سگهي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، راشد دائود پوٽي ۽ ڊاڪٽر فدا حسين ڀريجو پڊعيدن ۾ ڪارڪنن جي تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو، ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيلي چيو ته حڪمرانن سنڌ جي وسيلن کي ڦرڻ لاءِ عوام کي جاهليت ۽ غربت ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، پورهيت عوام کي طبقاتي شعور وڌائي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو ۽ جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداري نظام خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ راشد دائودپوٽي سنڌ جي سماجي ۽ معاشي صورتحال تي ليڪچر ڏيندي چيو ته تعليم، صحت، زراعت ۽ روزگار جي شعبن ۾ سنڌ، پاڪستان جي ٻين سمورن صوبن کان پوئتي پئجي وئي آهي، هن انڪشاف ڪيو ته سنڌ ۾ حڪومتي نااهلي سبب هيپاٽائيٽس ۽ غذائي کوٽ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، ڊاڪٽر فدا حسين ڀريجو چيو ته مظلومن، هارين ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز بڻجڻ لاءِ هر شعور رکندڙ ماڻهو کي عوامي تحريڪ جي صفن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي حقن جي ڦر لٽ ڪندڙن جو گڏيل طاقت سان مقابلو ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.