اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران جي علاج لاءِ مخالف ڌر جو پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڪيئي ڪلاڪ ڌرڻو لڳل رهيو، پارليامينٽ هائوس جي گيٽ تي پوليس نفري مقرر ڪيل آهي، گيٽ بند ڪيو ويو آهي. پارليامينٽ گيٽ ٻاهران بڪتر بند گاڏيون پهچايون ويون ۽ ريڊ زون کي مڪمل طور بند ڪيو ويو. پوليس جي وڏي نفري ريڊيو پاڪستان چوڪ تي موجود آهي، جتي شاهراهِهِ دستور کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان ڪنهن به شهري ۽ ميمبر اسيمبلي کي پارليامينٽ هائوس وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. پوليس ميمبر اسيمبلي اقبال آفريدي ۽ عمير نيازي کي ريڊيو پاڪستان چوڪ تي روڪي ڇڏيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي چيو ته ”اسان جو ڌرڻو پرامن هوندو، پي ٽي آءِ باني سان سندس ذاتي ڊاڪٽر ۽ خاندان جي ملاقات ڪرائي وڃي.