عمران خان کي اڊيالا جيل مان اسلام آباد جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته عمران خان کي اڊيالا جيل مان اسلام آباد جيل منتقل ڪيو وڃي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته عمران خان کي سزا اسلام آباد جي عدالت طرفان ڏني وئي آهي، ان ڪري کيس  اسلام آباد جيل ۾ منتقل ڪيو ويندو، اسلام آباد پوليس جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته وفاقي پوليس لاءِ هي انتهائي اهم ڏينهن آهي، اڳ دهشت گردي سان وڙهندڙ خصوصي فورس موجود نه هئي، جنهن لاءِ ٽن مهينن اڳ شروعات ڪئي وئي، هي اصل ۾ ڇهن مهينن جو ڪورس هو، جيڪو ڏينهن رات محنت سان ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو، هن اميد ظاهر ڪئي ته نوان جوان پوري جذبي سان دهشت گردن خلاف ڪارروائي ڪندا، جڏهن اسلام آباد جيل مڪمل ٿي ويندي ته عمران خان کي اتي منتقل ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته ٻن مهينن اندر جيل مڪمل ٿي ويندي ۽ جيل اندر سموريون طبي سهولتون موجود هونديون. هن ٻيهر واضح ڪيو ته سزا اسلام آباد جي عدالت کان ٿيڻ سبب عمران خان کي اسلام آباد جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.