اڳ مان سمجھندو ھيس ته پرويز پيرزادو جيئن ته اين جي اوز ۾ ڪم ڪري ٿو تنھنڪري سماجي ڪم ڪري رھيو آھي، پر وقت سان مونکي خبر پئي ته ھو فقط نوڪري نه پيو ڪري پر ھو ھڪ حقيقي سوشل ورڪر آھي. اسان جي سماج جو اھو به ڪيڏو وڏو الميو آھي ته ھڪ انسان استاد جي نوڪري ته ڪندو ھجي پر حقيقي معني ۾ استاد نه ھجي! ڪو ماڻھو ڊاڪٽر ته ھجي پر حقيقي طور ڊاڪٽر نه ھجي! جيڪو انسان پنھنجي شعبي کي پنھنجو پيشن نه ٿو بڻائي سو پنھنجي پيشي سان ڪيڏي نه زيادتي ٿو ڪري!
ھڪ ڀيري پرويز جي اين جي اوز جي دوستن کان مون پڇيو ته ڇا اوھان به پنھنجي ڳوٺن ۾ سماجي خدمت جا ڪم ڪندا آھيو؟ ته انھن چيو نه ادا اسان کي ايترو وقت ئي ناھي ھوندو. پر پرويز پنھنجي ڳوٺ ٻلھڙيجي اندر وڏو سماجي ڪم ڪري ڏيکاريو. اسان جي ڳوٺ ۾ ڳوٺ سڌار سنگت انور پيرزادي پنھنجي ساٿين سان گڏجي قائم ڪئي ته جيئن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪري سگھجن. ان تنظيم ڳوٺ اندر وڏا ڪم ڪيا. پر گھڻو عرصو گذرڻ کانپوءِ اھا تنظيم غير فعال بڻجي وئي. سو پرويز کي خيال آيو ته ڳوٺ ۾ ٻيھر تنظيم جوڙجي ۽ پوءِ دوستن جي صلاح سان انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن جي نالي سان نئين تنظيم جو بنياد وڌو. ان تنظيم ڳوٺ ۾ سيف جا اسڪول کولرايا، ڪپڙن ٺاھڻ جو سينٽر کولرايو ۽ ڳوٺ کي ڪيترائي ترقياتي پروجيڪٽس وٺرائي ڏنا. سندس ڀيڻ جي نالي تي ٻلھڙيجيءَ ۾ قائم ٿيل ڊاڪٽر زبيدھ ميموريل اسپتال ڳوٺ سڌار سنگت قائم ڪئي ھئي پر اھا عمارت ھاڻي ڪمزور ٿي چڪي ھئي. آخري ڏينھن ۾ پرويز جي خواهش ھئي ته ان کي به ٻيھر تعمير ڪيو وڃي جنھن لاءِ ھو ھٿ پير ھڻي رھيو ھيو. ھاڻي سندس ڀاءُ شاھ محمد پيرزادي ان پروجيڪٽ کي پنھنجي ھٿ ۾ کنيو آهي.
زندگيءَ جي ھر فيلڊ ۾ سچا ۽ ڪوڙا ماڻھو ھوندا آھن. ھڪڙا ماڻھو صوفي لباس پائيندا آهن ۽ صوفي سڏائيندا آهن پر انھن جو اندر ڪيني سان ڀريل ھوندو آھي. ٽوڪ طنز طعنن سان ڀريل شخصيت ھوندي اٿن. ڪي وري سوشل ورڪر سڏائيندا آهن پر اصل ۾ انھن جو مقصد ڪجهھ ٻيو ھوندو آھي. اسان وٽ عام طور تي سوشل ورڪرن ۾ ٻه بيماريون ٿينديون آھن يا ته فقط پنھنجن کي نوازيندا آھن يا ڪرپٽ ھوندا آھن. سماجي ڪمن ۾ ڪرپشن ڪندڙ ماڻھو سمجھندا آھن ته جي ڪنھن ٻئي جا پئسا ٿورئي آھن اھي ته سرڪار جا آھن. جڏھن ڪنھن ھڪ ماڻھوءَ جا پئسا کائو ٿا ته فقط ھڪ انسان کي نقصان ڏيو ٿا پر پر جڏھن ڪنھن ڳوٺ جي مدد لاءِ ڏنل پئسن ۾ فراڊ ڪجي ٿو مطلب سڄي ڳوٺ جا پئسا کائي ويو. ھڪ غريب ماڻھو وٽ ڪجھه به نه ھجي ۽ توھان انھن جا لٽا به لاھي ٿا وڃو! اھو ته سڀني کان وڏو اخلاقي جرم آھي ۽ ڪم ظرفي جي انتھا آھي. پر پرويز اھڙين خامين کان پاڪ ھيو. ھڪ سٺي سوشل ورڪر ۾ جيڪي به خوبيون ھجڻ گھرجن سي سڀ پرويز ۾ موجود ھيون. ھو نه ته زبان جو تکو ھيو، نه ڪا وڏائي ھيس، نه خود پسند ھيو، نه ئي ڪوڙو ھيو، تنھنڪري پرويز ھڪ سچو سماجي خدمت ڪار ھيو.
پرويز جي سچائيءَ جو ھڪ مثال ڏسو ته سيف سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اسڪول کوليا. انھن مان ڪجھه اسڪول ڪھڙن به سببن ڪري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر پرويز اھي اسڪول بند ٿيڻ نه ڏنا. ھن اتي ڪو ھڪ ٽيچر مقرر ڪري ڊونر ڳولھي کيس ھر مھيني پگھار موڪليندو رھيو. ايئن ھن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ اسان کي خبر پئي ته ھو اھڙا نو اسڪول سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ھلائيندو ھيو جيڪي سيوھڻ، وڳڻ، ڪچي ۽ ميھڙ وغيره ۾ آھن. پرويز جي گذاري وڃڻ کانپوءِ اسان فيصلو ڪيو ته انھن اسڪولن کي جاري رکيو ويندو. ايئن ئي اسان جي ڳوٺ ۾ سرتين ٻارن لاءِ مفت ٽيوشن سينٽر کوليو ته پرويز انھن کي سپورٽ ۽ سپروائيزر ڪندو رھيو. ايتري حد تائين جو ھن پوءِ اھڙا پنج سينٽر ڳوٺ جي مختلف پاڙن ۾ شروع ڪري ڏنا جن کي ھاڻي اسان پرويز پيرزادو ٽيوشن سينٽرن جو نالو ڏنو آھي.
پرويز جي ڪم ڪرڻ جي پاليسي سڀني کان بھترين ھوندي ھئي. اسان وٽ جيڪي سماجي ڪم ڪندا آھن اھي به عام طور تي ٻين سان ٺھيل نه ھوندا آھن. گڏجي ڪم ڪرڻ ته ڇڏيو ھڪڙو ٻئي جي گھر به نه ويندا آھن. معمولي ڳالھين يا بدگمانين سبب بائڪاٽ شروع ڪري ڏيندا آھن پر پرويز جو اھڙو انداز ھيو جو ھو سڀني سان ٺھيل ھيو ۽ سڀني سان گڏجي ڪم ڪندو ھيو ڇو ته ھو ڪم کي اھميت ڏيندو ھيو ۽ ڪم کي انا تي فوقيت ڏيندو ھيو. ھر ماڻھوءَ، پارٽي يا فرقي سان ظاھر آھي ته انسان متفق نه ٿو ٿي سگھي پر ايجنڊا بيسڊ پروجيڪٽس تحت گڏجي ڪم ڪري ٿو سگھجي. مثال طور جيڪڏھن ڪو ھڪ اسڪول کولرائڻو ھجي يا وڻ لڳائڻا ھجن ته ان ۾ ته ڪنھن کي اعتراض نه ھوندو، سو اھڙن ڪمن لاءِ گڏجي وڃبو ته ڪم آسانيءَ سان ٿي ويندو.
پرويز فقط اين جي او ۾ نوڪري نه ڪندو ھيو پر پاڻ ھڪ اين جي او ھيو جنھن الائي ڪيترن ماڻھن کي روزگار سان لڳايو. ھو نوجوانن جون سي ويز دوستن کي مستقل موڪليندو رھندو ھيو ته ڪٿي ڪا جڳھه ھجي ته ھن دوست کي رکي ڇڏجو. ان طريقي سان ھن الائي ته ڪيترن گھرن جو چلھو ٻاري ڇڏيو. ڪنھن کي تعليم جاري رکڻ لاءِ فيس جي ضرورت ھوندي ھئي ته پاڻ يا ڪجھه دوستن کي ميسيج ڪري ان جي گھرج پوري ڪري ڇڏيندو ھيو. ڪو ماڻھو شادي يا گھر جي تعمير لاءِ مالي مدد گھرندو ھيو ته ان کي ڪجھه نه ڪجھه ڏئي ڇڏيندو ھيو. سياري ۾ ڪيترائي ڀيرا اسان گڏجي ڪراچيءَ مان گرم ڪپڙا وٺي ڳوٺ جي غريب ماڻھن ۾ ورھايا. ھو سوالي کي خالي نه موٽائيندو ھيو، جيتري مدد ڪري سگھندو ھيو ڪري ڇڏيندو ھيو.
پرويز جيڪر اڄ موجود ھجي ھان ته سنڌ جي الائي ڪيترن ٻين ڳوٺن ۾ به اسڪول کولرائي ھزارين سنڌي شاگردن جا مستقبل سنواري ھان! وڏا ماڻھو ٻين کي جيئڻ جو ڏانءُ سيکارڻ ايندا آھن. پرويز به گھڻو ڪجھه سيکاري ويو آھي. اچو ته پرويز جي زندگيءَ مان سبق سکون ۽ سندس واٽ تي ھلڻ جي ڪوشش ڪريون. (پرويز پيرزادو 14 فيبروري 2025ع جي رات جو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.)