اسان جا اصل دوست ڪير آهن؟

ورثا پيرزادو

سنڌ ۾ ٿيندڙ روزاني واقعن ۽ سرگرمين جو جائزو وٺون ته هڪ دردناڪ تصوير سامهون اچي ٿي. ڪٿي ڪو پورهيت ماريو وڃي ٿو، ڪٿي ڪا عورت تشدد جو شڪار ٿئي ٿي. ڪٿي غريب جو استحصال ٿئي ٿو ته ڪٿي ڦر لٽ عام آهي. ڪٿي پاڻي ناهي، ڪٿي بجلي ناهي. جڏهن ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ هتي باصلاحيت نوجوانن جي ڪا کوٽ ناهي، پر جيئن سنڌ جي وسيلن کي ڪوريو ۽ ڪپيو پيو وڃي، تيئن هتي جي نوجوانن جي صلاحيتن کي به ڏاڍ ۽ جبر سان ختم ڪيو پيو وڃي.

جنوري مهيني جي صرف اڌ عرصي اندر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجن جو هڪ ڊگهو سلسلو جاري رهيو. ڪراچي کان وٺي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ماڻهن پنهنجي بنيادي حقن لاءِ آواز اٿاريو. ڪٿي پورهيتن پنهنجن پگهارن لاءِ احتجاج ڪيو، ڪٿي کنڀيل نوجوانن جي آزادي لاءِ وارث روڊن تي نڪتا. ڪٿي عورتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف احتجاج ٿيو، ڪٿي بااثرن جي زيادتين خلاف مظاهرا ٿيا. ڪٿي اسڪول بند ٿيڻ تي شاگرد احتجاجي بڻيا، ته ڪٿي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب موت تي وارث سراپا احتجاج رهيا. ڪيترن ئي قتل، بدامني، ڪرپشن ۽ ناانصافين خلاف احتجاج ٿيا، پر انصاف اڃا تائين نظر نه آيو..

ساڳئي وقت سنڌ جي ماحوليات کي به بي رحمي سان تباهه ڪيو پيو وڃي. ڳوٺن کي ڊاهي ڪنڪريٽ هائوسنگ سوسائٽيون اڏيون پيون وڃن. ڪارونجهر کي ڪوريو پيو وڃي، ڪيرٿر مان ريتي ۽ بجري چوري ٿي رهي آهي. جيڪي ماڻهو انهن مسئلن تي آواز اٿارين ٿا، انهن کي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. سوال اهو آهي ته هي سڀ ڪير ڪري رهيو آهي؟

سنڌ ۾ رهندڙ ڀوتار، وڏيرا، نام نهاد جمهوري پارٽين جا وزير ۽ مشير، اهي سڀ ان نظام جا سهولتڪار آهن جيڪو قومن سان ناانصافي ڪري ٿو. اهو حڪمران طبقو جيڪو عوام جي نالي تي اقتدار ۾ اچي ٿو، پر اقتدار کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري ٿو. اهي پنهنجي اولاد کي ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهائين ٿا، پاڻ ٻاهر علاج ڪرائين ٿا، پر عوام لاءِ تعليم ۽ صحت مهانگي بڻائي ڇڏي اٿن.

اسان کي سمجهڻو پوندو ته اسان جا دوست ڪير آهن. اسان جا دوست هاري آهن، پورهيت آهن، شاگرد آهن، وڪيل آهن، صحافي آهن، ناري آهي. اهي سڀ ماڻهو جيڪي ظلم خلاف بيهن ٿا، جيڪي اشرافيا جي نظام خلاف آواز اٿارين ٿا. اهي اڳواڻ جيڪي پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ مسلسل ناانصافي خلاف جدوجهد ڪن ٿا، اهي ئي اسان جا سچا ساٿي آهن.

اسان جي جدوجهد رڳو تنقيد تائين محدود نه هجڻ گهرجي. اسان کي واضح مطالبا رکڻ گهرجن:

مفت تعليم، مفت صحت، مفت خوراڪ، صاف پاڻي ۽ رهائش هر انسان جو بنيادي حق آهي. اهي شيون بازار ۾ وڪرو ٿيڻ واريون نه آهن، پر رياست جي ذميواري آهن. موجوده معاشي صورتحال اهڙي ريت ٺاهي وئي آهي جو دولت چند هٿن ۾ گڏ ٿئي ۽ پورهيت جو پگهر انهن جي بنگلن ۽ هائوسنگ سوسائٽين ۾ تبديل ٿئي.

عورتن جو جڏهن قومي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، تڏهن به سوچڻ جي ضرورت آهي ته حقيقي نمائندگي ڪنهن وٽ آهي؟ ڇا مٿين طبقي جون عورتون هر سنڌي عورت  جي نمائندگي ڪري سگهن ٿيون؟ سنڌي عورت صبح سوير ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿي، ڪاٺيون گڏ ڪري ٿي، پري پري کان پاڻي ڀري ٿي، مال چاريندي آهي، گهر جو ڪم سنڀاليندي آهي. ڪيترائي ڀيرا پنهنجي حصي جي ماني به ٻين کي کارائي بک تي سمهي رهي ٿي. اها عورت ئي اصل جدوجهد جي علامت آهي.

ايوارڊ انهن هٿن کي ملڻ گهرجن جيڪي جهري ويا آهن، انهن قدمن کي ملڻ گهرجن جيڪي ڌرتيءَ تي ڏينهن رات بنا جُتي جي هليا آهن. جڏهن پورهيت عورت پنهنجي هٿ ۾ انقلاب جو پرچم کڻندي، تڏهن ئي سنڌ ۾ حقيقي تبديلي ايندي. برابري، پنهنجائپ، امن ۽ پيار تڏهن ممڪن ٿيندو  جڏهن اڳواڻي پورهيت طبقي وٽ هوندي.

عوام تڏهن ئي پنهنجا حق حاصل ڪندو جڏهن هو پنهنجن دشمنن ۽ پنهنجن دوستن جي سڃاڻپ ڪندو. جڏهن هو گڏ ٿيندو، منظم ٿيندو ۽ پنهنجي حقن لاءِ بيهندو. اسان جا دوست ڪير آهن؟ اسان جا دوست اهي آهن جيڪي پگهر وهائين ٿا، جيڪي جدوجهد ڪن ٿا، جيڪي ظلم اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ جڏهن اهي سڀ گڏ ٿيندا تڏهن اڻٽر انقلاب ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.