بنگلاديش جون چونڊون: ماضي جي حڪومتن کان حال تائين سياسي سفر

غلام مصطفيٰ جمالي

بنگلاديش جي سياست کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي قيام کان پوءِ جي حڪومتن تي نظر وڌي وڃي. 1971ع ۾ پاڪستان کان آزاديءَ کان پوءِ شيخ مجيب الرحمٰن ملڪ جا باني اڳواڻ طور سامهون آيا. عوامي ليگ جي قيادت هيٺ نئين رياست جو بنياد رکيو ويو، آئين ٺاهيو ويو ۽ قومي سڃاڻپ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر آزاديءَ کان ڪجهه ئي سالن اندر معاشي بحران، قحط ۽ انتظامي ڪمزورين ملڪ کي سخت آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو. 1975ع ۾ سياسي بيچيني وڌندي وئي ۽ آخرڪار هڪ فوجي بغاوت ۾ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ سندن خاندان جي اڪثر ميمبرن کي قتل ڪيو ويو۔ اهو واقعو بنگلاديش جي تاريخ ۾ هڪ وڏو موڙ ثابت ٿيو، جنهن بعد ملڪ ۾ فوجي مداخلت جو دور شروع ٿيو.

شيخ مجيب جي شهادت کان پوءِ ضياءُ الرحمان اقتدار ۾ آيا۔ هن بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي بنياد رکي ۽ سياست کي هڪ نئين رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ضياءُ الرحمان جي دور ۾ ملڪي سڃاڻپ ۾ اسلامي عنصر کي وڌيڪ نمايان ڪيو ويو، آئين ۾ تبديليون آنديون ويون ۽ پرڏيهي پاليسي ۾ توازن آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. معاشي ميدان ۾ ڪجهه سڌارا به ڪيا ويا، خاص طور تي زرعي شعبي ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ تي ڌيان ڏنو ويو، پر 1981ع ۾ ضياءُ الرحمان به هڪ فوجي بغاوت ۾ قتل ٿي ويا۔ ملڪ وري سياسي غير يقينيءَ جي ور چڙهي ويو.

ان کان پوءِ جنرل حسين محمد ارشاد 1982ع ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ فوجي حڪمران طور ملڪ تي حڪمراني ڪئي. ارشاد جي دور ۾ مقامي حڪومتن کي ڪجهه اختيار ڏنا ويا ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ جا منصوبا شروع ڪيا ويا، پر سياسي آزاديون محدود رهيون۔ مخالف ڌرين، خاص طور تي عوامي ليگ ۽ بي اين پي، گڏجي ارشاد خلاف تحريڪ هلائي. 1990ع ۾ وڏي عوامي احتجاج کان پوءِ ارشاد کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي ۽ ملڪ ۾ عبوري حڪومت هيٺ چونڊون ڪرايون ويون۔ اهو دور بنگلاديش ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جي علامت بڻيو.

1991ع جي چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ڪامياب ٿي ۽ بيگم خالدہ ضياءُ وزيراعظم بڻيون۔ هن دور ۾ پارلياماني نظام کي بحال ڪيو ويو، آئين ۾ ترميمون ڪيون ويون ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا۔ پر سياسي مقابلي ۾ تلخي وڌندي وئي. عوامي ليگ ۽ بي اين پي وچ ۾ عدم اعتماد جو ماحول پيدا ٿيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 1996ع ۾ چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاريا ويا. عوامي احتجاج کان پوءِ عبوري حڪومت جو نظام متعارف ڪرايو ويو ته جيئن چونڊون غيرجانبدار طريقي سان ڪرائي سگهجن.

1996ع ۾ عوامي ليگ اقتدار ۾ آئي ۽ شيخ حسينه وزيراعظم بڻيون، جيڪي شيخ مجيب الرحمٰن جي ڌيءَ آهن. هن دور ۾ ڀارت سان گنگا پاڻيءَ جي ورڇ جو معاهدو ٿيو، امن معاهدو ڪيو ويو جيڪو چٽگانگ هِل ٽريڪٽس جي بغاوت کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. پر سياسي محاذ آرائي جاري رهي. 2001ع ۾ ٻيهر بي اين پي اقتدار ۾ آئي، ۽ خالدہ ضياءُ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم بڻيون. هن دور ۾ اقتصادي ترقيءَ سان گڏ انتهاپسنديءَ جا مسئلا به سامهون آيا. 2004ع ۾ عوامي ليگ جي جلسي تي هٿياربند حملو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ سياسي ماحول وڌيڪ خراب ٿيو.

2006ع کان 2008ع تائين ملڪ سياسي بحران ۾ رهيو. عبوري حڪومت، جيڪا فوجي حمايت سان قائم ٿي، بدعنواني خلاف مهم شروع ڪئي ۽ ٻنهي وڏين اڳواڻن، شيخ حسينه ۽ خالدہ ضياءُ، کي گرفتار ڪيو ويو. هن دور کي ڪيترائي ماڻهو احتساب جو وقت سمجهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه ان کي جمهوريت لاءِ رڪاوٽ قرار ڏين ٿا. 2008ع جي چونڊن ۾ عوامي ليگ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ شيخ حسينه ٻيهر اقتدار ۾ آيون.

2009ع کان پوءِ عوامي ليگ لڳاتار حڪومت ڪندي رهي۔ هن عرصي ۾ معاشي ترقيءَ جي شرح ۾ واڌ ٿي، ڪپڙي جي صنعت ۽ برآمدات ۾ اضافو ٿيو، غربت جي شرح گهٽ ٿي ۽ بنيادي ڍانچي ۾ نمايان سڌارا ڪيا ويا. پدما برج جهڙا وڏا منصوبا مڪمل ٿيا، بجليءَ جي پيداوار وڌي ۽ ڊجيٽل بنگلاديش جو نعرو ڏنو ويو، پر ساڳئي وقت مخالف ڌر طرفان چونڊن جي شفافيت، سياسي گرفتاريون ۽ اظهار جي آزاديءَ بابت خدشا ظاهر ڪيا ويا. 2014ع ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ بي اين پي ۽ ٻين پارٽين جي شرڪت يا بائيڪاٽ سبب سياسي تڪرار وڌيا.

ماضيءَ جي حڪومتن مان هڪ اهم سبق اهو ملي ٿو ته سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي ترقي پائيدار نٿي ٿي سگهي. فوجي مداخلت وارا دور، جهڙوڪ ضياءُ الرحمان ۽ ارشاد جا سال، ڪجهه انتظامي سڌارا ضرور آندا، پر ڊگهي مدي ۾ جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪري ويا. ساڳي طرح جمهوريت جي بحاليءَ کان پوءِ به جڏهن سياسي پارٽيون هڪ ٻئي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه رهيون، تڏهن ملڪ بحرانن جو شڪار ٿيو. ان ڪري هاڻوڪين چونڊن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته نتيجا جيڪي به اچن، انهن کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سياسي عمل کي اڳتي وڌايو وڃي.

بنگلاديش جي سياسي تاريخ ۾ خاندانن جو ڪردار به نمايان رهيو آهي. شيخ حسينه ۽ خالدہ ضياءُ جي وچ ۾ سياسي مقابلو ڪيترن ئي ڏهاڪن تي پکڙيل آهي، جنهن کي ڪجهه ماڻهو ذاتي رقابت قرار ڏين ٿا ته ڪجهه ان کي نظرياتي اختلاف سمجهن ٿا. پر هاڻي هڪ نئين سياسي قوت، جيڪا نوجوانن تي مشتمل آهي، پڻ ميدان ۾ آهي ۽ اهو امڪان موجود آهي ته مستقبل ۾ سياست جو نقشو تبديل ٿي سگهي ٿو.

پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان به ماضيءَ جي حڪومتن جا اثر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. عوامي ليگ عام طور ڀارت سان ويجهي لاڳاپن جي حامي رهي آهي، جڏهن ته بي اين پي وڌيڪ توازن واري پاليسي اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي رهي آهي، چين سان اقتصادي تعاون، بندرگاهن جي ترقي، ۽ علائقائي واپار جا معاهدا به چونڊن جي نتيجن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. عالمي سطح تي بنگلاديش کي هڪ تيزي سان اڀرندڙ معيشت طور ڏٺو وڃي ٿو، پر سياسي استحڪام ان ترقيءَ لاءِ ضروري شرط آهي.

هاڻوڪي چونڊ مهم ۾ به معاشي ترقي، بدعنواني، انساني حقن، عدالتي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي جهڙا موضوع نمايان رهيا آهن۔ ماضيءَ ۾ بدعنوانيءَ جا الزام تقريباً هر حڪومت تي لڳندا رهيا آهن، جنهن سبب عوام ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي. جيڪڏهن نئين حڪومت شفافيت، احتساب ۽ قانون جي بالادستيءَ کي يقيني بڻائي سگهي ٿي ته اهو ملڪ لاءِ مثبت قدم هوندو.

بنگلاديش جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هي قوم مشڪلاتن مان نڪري اڳتي وڌڻ جي صلاحيت رکي ٿي. آزاديءَ جي جنگ کان وٺي معاشي بحاليءَ تائين، فوجي دور کان جمهوريت جي واپسي تائين، هر مرحلي تي ماڻهن پنهنجي ارادي جو اظهار ڪيو آهي. اڄ جڏهن نوان ووٽ پئجي رهيا آهن، تڏهن ماضيءَ جي حڪومتن جا تجربا، انهن جون غلطيون ۽ ڪاميابيون سڀ سامهون آهن۔ جيڪڏهن انهن مان صحيح نتيجا ڪڍيا وڃن ته بنگلاديش واقعي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، جتي سياست ذاتي مفادن بدران قومي ترقيءَ لاءِ هجي، اختلاف دشمنيءَ ۾ نه پر بحث ۾ تبديل ٿين، ۽ جمهوريت صرف نعرو نه پر عملي حقيقت بڻجي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.