ڄامشورو:پورهيت عورت جي زيادتي بعد قتل واقعي جي جاچ جو حڪم

ڄامشورو/ڪراچي ( رپورٽر ) ڄامشورو ۾  ڪپڙا وڪڻندڙ مزدور عورت جي مبينا اغوا، زيادتي ۽ قتل واري افسوسناڪ واقعي تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي هدايت تي خصوصي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.جاري ڪيل بيان موجب، ڪميٽي جو سربراهه ڊي آءِ جي حيدرآباد کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪميٽي 15 ڏينهن اندر پنهنجي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي پابند هوندي،  صوبائي وزير هدايت ڪئي آهي ته ڪميٽي ۾ ماهر، پيشه ور ۽ ايماندار آفيسرن کي شامل ڪيو وڃي ۽ آپريشن، انويسٽيگيشن، انٽيليجنس ۽ مخبر نيٽ ورڪ پاڻ ۾ ڀرپور رابطن ذريعي جوابدارن تائين پهچي کين گرفتار ڪن.هن وڌيڪ چيو ته واقعي جي حساسيت کي نظر ۾ رکي اهڙا قدم کنيا وڃن، جن سان پوليس جي ساک برقرار رهي ۽ متاثرہ خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي،هن هدايت ڪئي آهي ته خصوصي جاچ ڪميٽي پنهنجي ٽاسڪ کي جلد مڪمل ڪندي جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻائي. ڄامشورو (عوامي آواز رپورٽ) ڄامشورو ۾ ڪپڙو کپائيندڙ عورت صابرين عرف صبرو پٺاڻ کي اغوا بعد اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واري معاملي ۾ پوليس اهم ڪاميابي حاصل ڪندي ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جابلو علائقي ۾ ڪارروائي دوران قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار معشوق کوسو جي ٻن ويجهن ساٿين نورو کوسو ۽ وزير کوسو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته هنن ناري صابرين کي اغوا ڪري معشوق کوسو ۽ دادن کوسو جي حوالي ڪيو هو، جن مبينا طور ناري سان اجتماعي زيادتي ڪرڻ بعد کيس بي رحميءَ سان قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي فرار ٿيل مک جوابدارن معشوق کوسو ۽ دادن کوسو جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ته جيئن کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي مقتولا جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

صبرين پٺاڻ جو قتل، مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڄامشورو (رپورٽر)  ڄامشورو ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمون صبرين عرف صبرو پٺاڻ جي بيدردي قتل خلاف احتجاج ڪيو. احتجاجي ريلي حاجي واحد بخش ڀلائي، رحيم جمالي، اين بي کوسو، آزاد سنجراڻي،  ۽ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا انور بليدي جي اڳواڻي ۾ ٿرمل پاور هائوس پٺيان شروع ٿي ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان مظاھري ۾ تبديل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس پهريان جوابدار کي گرفتار ڪيو، پر پوءِ وڏيري جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو، جيڪو قتل ۾ ملوث سمجهيو وڃي ٿو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مک قاتل، سھولتڪار ۽ آزاد ڪرائيندڙ وڏيري کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. مظاھري دوران احتجاج ڪندڙن قتل ٿيل عورت جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ کين هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو.

ڄامشورو واقعي سموري سماج کي لڄائي ڇڏيو آھي: جماعت اسلامي سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ طرفان ڄامشورو ۾ نياڻي جي اغوا، لڄالٽ بعد بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واقعي جي سخت  مذمت ڪئي آھي. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاھد چنا پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو آھي  ته جيڪب آباد ۾ آسيه کوسو، چوٽياريون ۾ شاد بانو ملاح بعدڄامشورو ۾ ڪپڙا کپائيندڙ نياڻي صابرين پٺاڻ کي اغوا ۽ زيادتي بعد قتل جو واقعو نه صرف قابل مذمت پر سنڌ  ۾ 18سالن کا برسر اقتدار پ پ حڪومت جي منھن تي چماٽ آھي. هن چيو ته  ڄامشورو ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ واقعي ۾ پوليس توڙي ڀوتارن جي مجرماڻي ڪردار شاھ  ڀٽائي جي پرامن ۽ انسان ذات سان محبت واري سرزمين سنڌ جي سموري سماج کي لڄائي ڇڏيو آھي. ھن گھر ڪئي ته حڪومت قاتل توڙي ڏوھارين جي سرپرست ڀوتارن ۽ مجرماڻو ڪردار ادا ڪندڙ مقامي پوليس کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي شھيد نياڻي جي رت سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.