جنرل باجوا کي زخم رسڻ جي تصديق، علاج لاءِ اسپتال داخل

راولپنڊي(م ڊ) انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) تصديق ڪئي آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جو  علاج جاري آهي. آءِ ايس پي آر خميس ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوا پنهنجي رهائشگاهه تي ڪري پوڻ سبب زخمي ٿيا آهن ۽ سي ايم ايڇ ۾ علاج هيٺ آهن. ڪالهه، مختلف ملڪي ۽ غير ملڪي نشرياتي ادارن خانداني ذريعن جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڏني هئي ته اڳوڻي پاڪستاني آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي گهر تي ڪري پيو ۽ زخمي ٿيو. مختلف پاڪستاني ٽي وي چينلن تي نشر ٿيندڙ رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻو آرمي چيف ٽوائليٽ ۾ ڦاسي پوڻ سبب زخمي ٿيو ۽ هن وقت راولپنڊي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. صحافي ارشاد ڀٽي، جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي خانداني ذريعن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي ته اهو واقعو اڱاري جي صبح جو پيش آيو. هو ڦاسي پوڻ سبب سخت زخمي ٿيو ۽ سندس جسم جي مختلف حصن تي زخم آيا. ارشاد ڀٽي چيو ته قمر جاويد باجوا مٿي ۾ زخم سبب ڪجهه وقت کان بي هوش هو. جڏهن ته، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هو هاڻي مڪمل طور تي هوش ۾ آهي ۽ پنهنجي ٻن پٽن سان به ملي چڪو آهي. هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته جنرل (ر) باجوه اڃا تائين انتهائي نگہداشت واري يونٽ (آءِ سي يو) ۾ داخل آهي ۽ مڪمل طور تي نازڪ حالت مان ٻاهر نه آيو آهي.صحافي زاهد گشڪوري سماجي رابطن واري پليٽ فارم ‘ايڪس’ تي هڪ پوسٽ ۾ اهو به چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جا ٻئي پٽ پاڪستان پهچي ويا آهن ۽ اسپتال ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ آهن.

جنرل باجوا دل ۾ تڪليف ٿيڻ سبب بيهوش ٿيو:خانداني ذريعا

اسلام آباد(فخر دراني) ڪالهه شام کان ميڊيا تي خبرون هلڻ شروع ٿيون ته جنرل باجوا واش روم ۾ ڪري پيا ۽ زخمي ٿيا، پوءِ کيس  اسپتال داخل ڪيو ويو ۽ آءِ سي يو ۾ رکيو ويو۔خانداني ذريعن موجب اصل ۾ سومر شام جنرل باجوا کي سيني تي ڪجهه بار ۽ بيچيني محسوس ٿي رهي هئي، ڄڻ دل سان لاڳاپيل ڪو مسئلو هجي۔ رات جو دير سان کين الٽي محسوس ٿي، هو واش روم ويو، الٽي ڪئي ۽ پوءِ بيهوش ٿي ڪري پيا۔ سندس گهر واري ۽ عملي فوري طور تي کيس سي ايم ايڇ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن علاج شروع ڪيو۔جاچ مان معلوم ٿيو ته سندس کوپڙي ۾ ٽي هير لائين فريڪچر ٿيا آهن۔ ڊاڪٽرن چيو ته خوش قسمتي سان ڪنن مان رت وهڻ سبب دماغ ۾ رت نه ڄميو جنهن سان وڏو خطرو ٽري ويو۔ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سندس بيهوشي جو سبب دل جي “اي وي بلاڪ” نالي مسئلو هو، جنهن ۾ دل جو برقي نظام صحيح ڪم نٿو ڪري ۽ رت دماغ تائين مناسب نموني نه ٿو پهچي، جنهن سبب چڪر اچڻ يا بيهوشي ٿي سگهي ٿي۔ هن وقت کيس عارضي پيس ميڪر لڳايو ويو آهي، ۽ شايد مستقل پيس ميڪر لڳائڻو پوي۔ خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته هو هاڻي خطري کان ٻاهر آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.