پ پ پ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ادارن جي مدد سان حڪومت پيون ڪن:زين شاهه

اڏيرولال(رپورٽر) اڏيرولال ڀرسان ڳوٺ خدا ڏنو شاه ۾ سيد زين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان جو سياسي مستقبل روشن آهي ۽ سندس ارادا مضبوط ۽ پختا آهن، بيٺو رهيو ته هيرو ٿي ويندو جيڪڏهن ڪمپرونائيز ڪيو ته زيرو تي ويندو. هن چيو ته ملڪ کي مضبوط قيادت جي ضرورت آهي، جيڪو عوام جي اميدن تي پورو لهي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز ليگ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳٺ جوڙ آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم به سدائين حڪومت ۾ شامل هجڻ باوجود دانهون ڪندي نظر اچي ٿي. سيد زين شاه چيو ته سنڌ ۾ امن ۽ امان جي صورتحال نه هجڻ برابر آهي ۽ صوبي جي زراعت کي ڄاڻي واڻي نقصان پهچايو پيو وڃي، جنهن سبب آبادگارن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته حڪمرانن هڪ خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ٽنهي جماعتن جو جڏهن ووٽ بيڪ گهٽبو آهي ته هي  مختلف حربا استعمال ڪندا آھن ۽ پوءِ ڊراما ڪري وڙهايو ۽ حڪومت ڪيو وارو فارمولو استعمال ڪندا آهن. هن چيو ته پ پ پ ۽ ن ليگ  مستقل رهندڙ آبادين سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ تضاد پيدا ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪنديون آهن ۽ پ پ پ هتان جي مک قومي معاملن، سنڌ جون زمينون لکي ڏنيون آھن، سنڌ جو پاڻي لکي ڏنو اٿن، ٻنهي پارٽين جيڪي گناه ڪيا آهن ۽ اهي گناھ لڪائڻ لاءِ ڊائلاگ بازي ڪن ٿيون. هن چيو ته سنڌ انهن ٻنهي پارٽين جي ڪري الاهي نقصان کاڌو آهي، سنڌي ماڻھو مهرباني ڪري هاڻ پاسو ڪن. هن چيو ته پ پ پ، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ايجنسين جي مدد سان حڪمراني ڪري رهيون آهن اهي زنده لاش آهن انهن کي ڪمپني سرڪار سياسي حوالي سان ڪلهن تي کنيو هلي. سيد زين شاهه اڏيرولال ڀرسان سيد شاهنواز شاه جي دعوت تي پهتو، جتي مقامي ماڻهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.