ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جي فيصلي ۽ جوابدار رحيم شاهه جي سزا خلاف ٻه اپيلون داخل ڪيون ويون آهن. ارشاد رانجھاڻي جي وارثن فيصلي کي چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته عدالت پاران ڏنل سزا قانون موجب درست ناهي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جا وڪيل پيش نه ٿيا، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي کين طلب ڪيو ۽ ڪيس هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ عدالت پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، جاچ آفيسر ۽ ٻين جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪيا هئا. وارثن جي وڪيلن اسد شاهه ۽ ٻين دليل ڏنو ته قلم 324 تحت گهٽ ۾ گهٽ 10 سال سزا هجڻ گهرجي هئي، پر رحيم شاهه کي 6 سال سزا ڏئي رليف ڏنو ويو. هنن عدالت کان استدعا ڪئي ته قلم 324 کي 302 ۾ تبديل ڪري جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.