سنڌ ۾ ڌنڌو پيو هلي،لاقانونيت وڌي وئي آهي: اياز لطيف پليجو

ٽنڊو باگو (رپورٽ: منصور جلالاڻي) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ٽنڊو باگو ۾ هڪ وڏي جلسي ۾ خطاب ڪندي  چيو ته سنڌ ۾ ڌنڌو هلي رهيو آهي، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڪرپشن، ۽ وسيلن جي ڦرلٽ سبب عوام جي زندگي تنگ ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ نوجوان روزگار کان محروم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي حڪومتي پاليسين سبب سنڌ جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪمراني ۾ سنڌ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ نوڪريون وڪڻڻ جو عمل معمول بڻجي چڪو آهي، جنهن سبب نوجوانن ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي. سياست ئي وسيلا، روزگار، ۽ ميرٽ بچائيندي آهي، پر جڏهن سياست طاقتور نه هجي ته سنڌ ۾ نوڪريون وڪڻڻ شروع ٿي وڃن ٿيون. هن سنڌ جي ماڻهن کي خبردار ڪيو ته حڪمران سنڌ کي ڏوهن ۽ قبائليت ۾ ورهائڻ چاهين ٿا، جنهن سان عوامي شعور ختم ٿي رهيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا ماڻهو روز بکن ۾ پاهه آهن، بدين، ٺٽو، ۽ سجاول جا ضلعا بک ۽ بيروزگاري سبب تڙپي رهيا آهن، جڏهن ته حڪمران پنهنجي طاقت برقرار رکڻ ۾ مصروف آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، جتي روزانو قتل جا واقعا ٿيندا آهن، پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي عوام پنهنجي حقن لاءِ نه بيٺو ته پوءِ ان جو وڏو نقصان سنڌ جي نوجوانن ۽ عوام کي ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي پنهنجي آئيني حقن لاءِ جدوجهد جاري رکڻ گهرجي ۽ وفاقي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عدليا کي سنڌ جي عوام جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ گهرجي. اسان سنڌ کي بچائڻ لاءِ هر قيمت تي وڙهنداسين، جيڪڏهن ڪنهن سنڌ کي ورهائڻ يا ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪئي، ته اسان ان سازش جو مقابلو ڪري پنهنجو حق واپس وٺنداسين. ان موقعي تي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو، جن ۾ عبدالله چانڊيو، سانول گوپانگ، ۽ گل حسن چانڊيو شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.