سپريم ڪورٽ عمران خان کي بني گالا يا ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته عمل ڪنداسين:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم جي سياسي معاملن وارا مشير راڻا ثناالله چيو آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ عمران خان کي بني گالا منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي، ته حڪومت حڪم تي عمل ڪندي.نجي  ٽي وي سان ڳالهائيندي هن  چيو ته هن عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ  مڪمل طور تي نه پڙهيو، پر ميڊيا مان ڄاڻ ملي آهي. رپورٽ ۾ جيڪي سهولتون عمران خان کي جيل ۾ فراهم ڪيون ويون، اهي ئي سهولتون آهن جيڪي انهن کي شروعات کان ملي رهيون آهن. پي ٽي آءِ مسلسل پروپيگنڊا ڪندي رهي آهي ته انهن کي ڪا سهولت نه ڏني وڃي ۽ هو قيد تنهائي ۾ آهي، کيس کاڌي پيتي جي ڪا سهولت ناهي،هن چيو ته قائد نواز شريف سميت اسان جو هميشه موقف رهيو آهي ته جيل مينيوئل تحت انهن کي سهولتون ملڻ گهرجن.چيو ويو آهي ته آڪٽوبر کان عمران خان جي اک ۾ مسئلو آهي،هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن حڪومت عمران  جي صحت تي سياست ڪري ٿي ته اهو ڏوههآهي، ۽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ سياست ڪري ٿي ته اهو به ڏوهه آهي. هن چيو ته پمز اسپتال ۾ اکين جا بهترين ڊاڪٽر موجود آهن، پر جيڪڏهن عمران خان ڪنهن ٻي جاءِ تي چيڪ اپ ڪرائڻ چاهي، ته ڪينسر اسپتال کان نه ڪرائيندا. جيڪڏهن هو شفا اسپتال وڃڻ چاهي، ته اتي به معائنو ٿيندو. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ هن کي ٻاهر ملڪ يا ملڪ جي ڪنهن اسپتال ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي، ته حڪومت حڪم تي عمل ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.