سنڌ جي ٻن ڊويزنن مان ڪڻڪ جون ساڍا 9 لک ٻوريون گم، 14 ارب رپيا نقصان

ڪراچي/ڪوٽڙي (عوامي آواز رپورٽ) لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ضلعن ۽ شھيد بينظير آباد ڊويزن جي ٽن ضلعن جي سرڪاري گدامن مان ڪڻڪ غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب سانگھڙ مان ساڍا 57 ھزار، شھيد بينظيرآباد مان 46 ھزار، نوشھروفيروز مان 50 ھزار ٻوريون گم آهن، لاڙڪاڻي مان ھڪ لک 33 ھزار، قمبر شھدادڪوٽ مان 4 لک 69 ھزار 562 ۽ جيڪب آباد مان 19 ھزار ٻوريون غائب ٿي ويون آهن، ڪشمور اينڊ ڪنڌڪوٽ مان ھڪ لک 56 ھزار 6 سئو ۽ شڪارپور مان 11 ھزار 702 ڪڻڪ جون ٻوريون غائب  آهن. ٻئي پاسي  ٻولھاڙي ڪڻڪ جي سرڪاري  گدام مان 64 هزار ٻوريون گم ٿيڻ واري معاملي تي خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري جي حڪم تي جوڙيل ڪميٽي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ڪڻڪ جي گدام مان ڪڻڪ جي ٻورين جي ڳڻپ مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. ٻئي پاسي اڳوڻي ٻولھاڙي گدام انچارج علي رضا بروهي پنهنجي مٿان لڳل الزام رد ڪري ڇڏيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.