پوئين هڪ ڏهاڪي کان پاڪستان ۾ ڇتن مٿان يا عام شمسي توانائيءَ (سولر انرجي) تيزيءَ سان ڦھلي آھي. جڏهن بجليءَ جي لاڳيتي ۽ اڻڄاتل بندش، ڳرن بلن ۽ بجلي جي اچ وڃ ۽ بنا ڀروسي وارو نظام عوامي زندگيءَ جي هر شعبي کي سخت متاثر ڪيو، تڏهن عوام پنھنجن گھرن، ننڍن ڪاروبارن ۽ ٻي استعمال لاءِ پنهنجي بچت کي سولر پينلز ۽ انورٽرز ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو. هي فيصلو توانائي جي گھرجن کي پنھنجي پر ۾ پورو ڪرڻ جي ڪوشش هئي. حڪومت ان ڏس ۾ نيٽ / صافي ميٽرنگ ۽ ٻين سھولتن جو اعلان ڪيو ھو۔ يعني ان جي پٺيان رياستي پاليسين جي اخلاقي، قانوني ۽ ڪنھن حد تائين مالي ضمانت موجود هئي.
نيٽ ميٽرنگ جو نظام، جيڪو 2015ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، تنهن ۾ اهو واعدو ٿيل ھو ته ڏينهن جي وقت سولر پينلز مان پيدا ٿيندڙ واڌو بجلي گرڊ ۾ شامل ڪرڻ تي، رات جي وقت استعمال ٿيندڙ بجليءَ جي برابر اگھه ڏنو ويندو. ان پڪ ھجڻ جي ڪري ماڻهن کي ڊگھي عرصي واري سيڙپڪاري ڪئي. ان جي ڪري نه رڳو ڳاٽي ٽوڙ بجليءَ جي خرچ ۾ گهٽتائيءَ ٿيڻي ھئي، پر توانائيءَ ۾ پاڻ ڀرائپ ڏانھن هڪ اهم قدم پڻ هو. انگن اکرن مان پڌرو ٿئي ٿو ته 2025ع تائين پاڪستان ۾ نيٽ ميٽرڊ روف ٽاپ سولر جو مجموعي سگهھ 2,813 ميگاواٽ تائين پهچي چڪي ھئي. اھا واڌ ٽيڪنيڪي بھتري، پليٽن جو سستو ٿيڻ، وڌندڙ گرمي، تجربي ۽ نظام تي عوامي اعتماد جي بنياد تي هئي ته حڪومتي پاليسيون ماڻھن لاءِ سھنج پيدا ڪرڻ ۽ مدد ڏيڻ لاءِ آھن. پر حڪومت جي کنيل تازن قدمن عوام کي پريشان ڪري وڌو آھي.
پاليسين جو تضاد ۽ شهرين تي معاشي بار
وزيراعظم پاڪستان ان ڳالهھ جو نوٽس ورتو آھي، شايد ھاڻ ڪجھه بھتري ٿئي، اچو ته ان معاملي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون. صافي ميٽرنگ واري پاليسي مَٽائي ڪري ”نيٽ بلنگ“ واري تازي پاليسي ان مانڌاڻ جو بنياد آھي. ان تبديليءَ کي سرڪاري سطح تي هڪ ٽيڪنيڪي اصلاح ۽ مالي توازن جي ضرورت طور پيش ڪيو پيو وڃي، پر حقيقت ۾ هي هڪ گهري سياسي، معاشي ۽ اخلاقي پستي کي وائکو ڪري ٿي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) پاران 2026ع ۾ جاري ڪيل قاعدن تحت، شمسي توانائيءَ مان پيدا ٿيندڙ واڌو بجلي جيڪا شهرين پاران گرڊ کي وڪرو ڪئي ويندي، تنهن جي قيمت 26 رپيا في يونٽ تان گهٽائي رڳو 11 رپيا في يونٽ ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ، هي نوان قاعدا نه رڳو نون شمسي توانائي جو واھپو ڪندڙن پر پراڻن استعمال ڪندڙن تي پڻ مڪمل طور تي لاڳو ٿيندا، ۽ پراڻن معاهدن (ماڻھن ۽ بجلي وارين ترسيلي ڪمپنين جيئن جيئن ڪي اليڪٽرڪ، هيسڪو وغيره) جي عرصي کي 7 سالن مان گهٽائي 5 سالن تائين ڪيو ويو آهي. هن نئين پاليسيءَ ۾ شهري جڏهن پنهنجي شمسي بجلي گرڊ کي ڏيندا ته ان جي قيمت انتهائي گهٽ ڏني وڃي ٿي، پر جڏهن اهي ئي شهري گرڊ مان بجلي خريد ڪن ٿا ته کين اهڙو اگھه ڏيڻو پوي ٿو جنهن ۾ اصل لاڳت سان گڏ کوڙ سارا ٽيڪس، سرچارجز، فيول چارجز ۽ ادارتي نااهلين جو بار پڻ شامل هجي ٿو. بجليءَ جو يونٽ جيڪڏهن شهري پيدا ڪري ته ان جو قدر گهٽ، پر جيڪڏهن رياست وڪڻي ته مهانگو! حڪومت 2022ع کان 2025ع تائين بجليءَ جي قيمتن ۾ 155 سيڪڙو واڌ ڪري وائڙو ڪري چڪي آھي.
آءِ پي پيز جو بار ۽ انتظامي نااهلي
هن سموري بحران جا پيرا آزاد بجلي پيدا ڪندڙ ادارن / آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن ڏانھن وڃن ٿا، جنهن تحت بجلي استعمال ٿئي يا نه، ”ڪيپيسٽي / بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت چارجز“ جا پئسا ڏيڻ هر حال ۾ لازمي آهي. 2024ع ۾ انهن ادائيگين جي مجموعي رقم 2.1 کربن رپين تائين پهچي وئي هئي. انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (IMF) جي هدايتن تي انهن معاهدن تي ٻيهر ڳالهيون ڪيون ويون، پر ان جي باوجود نااهلين جو بار سڌو سنئون عوام تي وڌو پيو وڃي. جڏهن شهرين ۽ ڪاروبارن سولر کانپوءِ گرڊ مان بجلي کڻڻ گهٽ ڪئي، ته انهن IPPs معاهدن جو مالي دٻاءُ وڌيڪ پڌرو ٿي پيو، ڇو ته انهن جي پيداوار جي گهرج گهٽجي وئي پر ادائيگيون جاري رهيون. انهن معاهدن تي نظرثاني ڪرڻ يا مالي ٻوجھ رياست ۽ صنعتن ۾ ورھائڻ بجاءِ، پاليسي سازن سڀ کان سولو ۽ ناانصافي وارو رستو اهو اختيار ڪيو ته عوام کي ٻلي چاڙهيو وڃي جن پنهنجي توانائيءَ جي ضرورتن کي پاڻ پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي! ان ريت صاف توانائي اختيار ڪندڙ ماڻهو هڪ پراڻي ۽ مهانگي ڍانچي جي ناڪاميءَ جي قيمت ادا ڪرڻ تي مجبور آهن. پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ بجليءَ جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو کان مٿي حصو ”لائين لاسز“ ۾ گم ٿي وڃي ٿو۔ جڏهن ته بجلي چوري جو، جنھن ۾ بجلي وارن جو عملو چڱي ريت شامل ھوندو آھي، ان جو بار باقاعدگي سان بل ڀريندڙن تي وڌو وڃي ٿو. اھڙو ڪو جڳ ۾ حساب ھوندو سرڪاري طور تي پنھنجي عوام کان ڀتو وٺندڙ !
ٻهراڙي واري سنڌ ۾ خاموش تبديلي
سنڌ جي سوين ڳوٺن ۾ قومي گرڊ سالن کان عملي طور غير فعال رهي آهي، جتي بجليءَ جي اچڻ يا ته هفتي ۾ ڪجهه ڪلاڪ هئو يا مهينن جا مهينا غائب هوندي هئي. اهڙن حالتن ۾ ڳوٺاڻا ڪنهن سرڪاري پاليسيءَ تحت نه پر خالص مجبوريءَ جي ڪري ‘آف گرڊ’/ تارن واري بجلي جي نظام کان ڌار ٿي ويا. شمسي توانائي اتي ڪنهن نيٽ ميٽرنگ جي ڊيٽا جو حصو ناهي، پر ڳوٺاڻي زندگيءَ جو اھم جز بڻجي چڪي آهي. وفاقي شماريات بيورو موجب، سنڌ ۾ ٻارھن لکن کان مٿي گھراڻا شمسي توانائي استعمال ڪن ٿا، جن مان ڏھن لکن کان وڌيڪ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ آهن. مثال طور، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 340,324، سکر ۾ 281,549، ۽ حيدرآباد ۾ 273,983 گھراڻا سولر تي گذارو ڪن ٿا. هي انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ٻهراڙي واري سنڌ ۾ سولر اپنائڻ جو سيڪڙو ڪافي گھڻو آھي۔ جڏھن ته اصل ۾ تعداد سرڪاري انگن اکرن کان وڌيڪ آهي. معاشي طور تي هن تبديليءَ زرعي ٽيوب ويلن کي بجلي کان سولر پمپن تي ڪري ڊيزل جي مهانگي خرچ کي گهٽايو آهي، جيڪو ساليانو ڪروڙين رپين جي بچت سان گڏ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ به مددگار آهي. ان ۾ جر جو هيٺ وڃڻ يا کارو ٿيڻ جھڙو خطرو موجود آھي۔ سنڌ حڪومت پڻ ڪافي تعداد ۾ سولر پينل ماڻھن تائيبن پهچايا آھن. سنڌ ۾ جتي ٻوڏن ھر ٻين سال نقصان ڏنا آھن، اتي شمسي توانائي ماڻھن لاءِ آٿت بڻجي سامهون آئي آهي.
ٻين صوبن ۾ لاڳاپيل ترقي
پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ پڻ اهڙي ئي صورتحال آهي. پنجاب جي ٻهراڙين ۾ لکين ٽيوب ويل سولر تي ٿي چڪا آهن، ڏکڻ پنجاب/ وسيب ۾ پڻ اٽي جي چڪين تائين سولر سان ڪن ٿا؛ جڏهن ته بلوچستان جي پري وارن علائقن ۾، جتي گرڊ جي پهچ رڳو 56 سيڪڙو آهي، اتي ننڍيون شمسي گرڊون زندگي روشن ڪري رهيون آهن. خيبرپختونخوا ۾ هائبرڊ سسٽم ذريعي اسڪول ۽ اسپتالون هلايون پيون وڃن. بدقسمتيءَ سان هِنَ نئين پاليسيءَ جا سماجي اثر خطرناڪ آهن. وچولو طبقو، جيڪو مهانگي بيٽري اسٽوريج جي سگهه نٿو رکي، سو نئين صافي بلنگ واري نظام سبب سخت مالي دٻاءُ ۾ اچي ويندو. ٻئي طرف، امير طبقو تيزيءَ سان مڪمل طور تي گرڊ کان ڌار (آف گرڊ) ٿي رهيو آهي. ان سان قومي گرڊ جو معاشي ڍانچو وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ جو خطرو آهي، ۽ آخرڪار هي نظام رڳو انهن غريبن لاءِ رهجي ويندو جيڪي متبادل جو خرچ نٿا ڀري سگهن. اھا صورتحال پاڪستان ۾ طبقاتي ويڇي کي وڌائي رهي آهي.
سياسي ساک ۽ عوامي اعتماد جو سوال
سينيٽ ۾ پڻ هي معاملو شدت سان اٿاريو ويو، جتي ميمبرن خبردار ڪيو ته رياستي پاليسين ۾ اهڙي اوچتو تبديلي سيڙپڪارن جي اعتماد کي تباهه ڪري ڇڏيندي. ھڪ سينيٽر ان کي ”عوام مٿان بم ڪيرائڻ“ سان ڀيٽ ڏيندي چيو ته هي رياست ۽ شهرين جي وچ ۾ اعتماد جي ڀڃڪڙي آهي. ان سان اڌوگابري جمهوري ساک کي نقصان ٿئي ٿو. توانائيءَ جي منتقلي رڳو ٽيڪنالاجي سان نه، پر عوامي اعتماد سان ٿيندي آهي، ۽ هڪ ڀيرو ٽٽل اعتماد ٻيهر بحال ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو آهي. اڳي ئي طرز حڪمراني تي ڪئي ڳرا سوال کڙا ٿيل آھن.
مستقبل جو رستو
حڪومت ٻه رستا اختيار ڪري سگھي ٿي. هڪ رستو اهو آهي ته پراڻن ۽ مهانگي آءِ پي پيز معاهدن کي تحفظ ڏئي، نظام جي نااهليءَ کي لڪائي ۽ عوام کي پنھنجو پاڻ توانائي جو مسئلو نبيرڻ جي سزا ڏئي! ٻيو رستو سياسي ھوشمندي ليڪن کاڌل جمهوريت جو ڀرم رکڻ جو آهي: موجوده واعدن جو احترام ڪرڻ، غير پائيدار بجلي معاهدن تي نظرثاني ڪرڻ، چوري ۽ لائين لاسز گهٽائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ، ۽ شمسي توانائيءَ کي هڪ قومي اثاثو تسليم ڪرڻ آھي . جنهن ملڪ جا ڳوٺ اونداهيءَ مان نڪرڻ لاءِ پاڻ سج ڏانهن ڏسڻ لڳا هجن، اتي رياستي پاليسيءَ کي به روشني ڏانھن هجڻ گهرجي. جيڪڏهن شمسي توانائيءَ کي ٽيڪس ۾ رعايت، آسان قرضن ۽ گرڊ انٽيگريشن ذريعي مدد ڪئي وڃي، ته هي نه رڳو توانائيءَ ۾ پاڻڀرو بڻائيندي، پر موسمياتي تبديلين جي خلاف پاڪستان جي ويڙهه کي به مضبوط ڪندي.