هيئر ايڪسٽينشنز کان مُڙي وڃو، اهو عمل موت جي منهن ۾ وجهي سگهي ٿو!

سائنسدانن هيئر ايڪسٽينشنز بابت هڪ هنگامي تنبيهه جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انهن ۾ ڪينسر پيدا ڪندڙ ڪيترائي ڪيميڪل موجود هوندا آهن.
آمريڪي رياست ميساچوسيٽس جي سائلنٽ اسپرنگ انسٽيٽيوٽ جي ماهرن هيئر ايڪسٽينشنز ۾ ڪيترائي خطرناڪ ڪيميڪل دريافت ڪيا آهن، انهن ۾ به، جيڪي انساني وارن سان تيار ڪيون وينديون آهن.
ان تحقيق دوران سائنسدانن جي ٽيم آن لائن وڪرو ٿيندڙ 43 مشهور شين جي مختلف ڪيميڪلز جي جاچ پڙتال ڪئي.
ان تجزئي دوران ڪيترن ئي ڪيميڪلز جي نشاندهي ٿي، جن ۾ فليم ريٽارڊنٽس (باهه کان بچاءَ جا ڪيميڪلز)، فيٿاليٽس، جيت مار دوائون، اسٽائرين، ٽيٽراڪلوروايٿين ۽ آرگينوٽنز شامل آهن.
ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته گذريل تحقيق ۾ خبر پئي هئي ته اهي مادي جي ڪينسر، هارمونز ۾ بگاڙ، واڌ ويجهه ۽ مدافعتي نظام تي ناڪاري اثرن سان جڙيل آهن.
ان تحقيقي ٽيم جي سربراهه ۽ ليکڪه ڊاڪٽر اليسيا فرينڪلن چيو ته ڪمپنيون ڪيميڪلز بابت آگاهه ناهن ڪنديون، جنهن سبب واهپيدار ڊگهي عرصي تائين انهن جي استعمال سبب صحت جي خطرن کان لاعلم رهندا آهن.
واضح رهي ته هيئر ايڪسٽينشنز آمريڪا ۽ برطانيا ۾ تمام گهڻا مقبول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.