ڀارت جو وڌيڪ رافيل جهاز خريدڻ جو فيصلو، 39 ارب ڊالرن جي منظوري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي بچاءَ واري وزارت خميس ڏينهن 39 ارب ڊالر ماليت جي دفاعي سامان جي خريداري جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ وڌيڪ رافيل جهاز به شامل آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب ان منظوري ۾ 114 رافيل ويڙهاڪ جهازن جي خريداري شامل آهي، جيڪي ڀارتي فضائيا جي استعمال هيٺ موجود ڪيترن ئي جهازن کان الڳ هوندا.
ڀارت جي بچاءَ واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته اها خريداري تڪرار جي سڀني رخن ۾ فضائي سرسي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت وڌائيندي ۽ ڊگهي فاصلي تائين حملو ڪرڻ جي صلاحيت ذريعي ڀارتي فضائيا جي دفاعي قوت کي مضبوط بڻائيندي.
پر بيان ۾ جهازن جي درست انگ جي وضاحت نه ڪئي وئي.
واضح رهي ته 2015 کان هيل تائين ڀارت تقريبن 8.7 ارب آمريڪي ڊالر ماليت جا 26 رافيل جهاز خريد ڪري چڪو آهي ۽ اپريل ۾ وڌيڪ 26 ويڙهاڪ جهاز خريدڻ لاءِ هڪ نئون اربين ڊالرن جو معاهدو به ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.