مرونل ٺاڪُر ويلنٽائن ڏهاڙي رجني ڪانت جي اڳوڻي ناٺي ڌنُش سان شادي ڪندي ؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا مرونل ٺاڪُر اداڪار ڌنُش سان ويلنٽائن ڊي تي شادي وارين خبرن بابت نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪري رهيا هئا مرونل 14 فيبروري تي ڌَنُش سان شادي ڪري رهي آهي ، جنهن کانپوءِ مداح به اڳڪٿيون ڪرڻ لڳا هئا.
ويجهڙ هڪ انٽرويو ۾ مرونل کلندي اهڙي قسم جون خبرون رد ڪندي چيو ته ”هي 14 فيبروري پهرين اپريل يعني ’اپريل فول‘ جهڙو ڏينهن هوندو ڇو ته مان شادي نه پئي ڪيان.“
اداڪارا جي مزاحيه ردعمل سان واضح ٿي ويو ته شادي بابت سموريون خبرون رڳو افواهه آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.