اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ هفتي واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ”بورڊ آف پيس“ جي پهرئين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
هفتيوار بريفنگ دوران طاهر اندرابي چيو مان تصديق ڪري سگهان ٿو ته وزيراعظم ايندڙ هفتي بي او پي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ساڻس گڏ هوندو.
هن چيو ته اسان نيڪ نيتي سان ئي بي او پي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، اسان ان ۾ اڪيلا يا هڪ آواز طور نه پر 8 اسلامي عرب ملڪن جي گڏيل آواز طور شامل آهيون.
You might also like