لاهور (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي سورمي ۽ بهادري جي علامت ”مائي جندو“ کي هم ٽي وي پاران وڏو اعزاز ”رول ماڊل عورت ايوارڊ“ ڏنو ويو.
هم ٽي وي طرفان ڪوٺايل تقريب دوران پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز مائي جندو کي ايوارڊ سان نوازيو.
واضح رهي ته مائي جندو جي ٻن پٽن ۽ ناٺي کي 1992ع واري فوجي آپريشن دوران دهشتگرد قرار ڏئي شهيد ڪيو ويو هو.
هن رياست جي طاقتور ادارن ۽ ماڻهن جي سامهون جرئت ۽ بهادري سان مهاڏو اٽڪايو.
مائي جندو ان آپريشن جي ڪمانڊر ميجر ارشد خلاف قانوني جنگ وڙهي ۽ کيس ڦاهي ڏياري.