لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعليٰ تائين عوامي راءِ ۽ تجويزون سڌي ريت پهچائڻ لاءِ خاص ڊجيٽل پورٽل قائم ڪيو ويو آهي.
مريم نواز ”ٽاڪ ٽو سي ايم“ جي نالي سان ان منفرد پورٽل جي باقاعدي شروعات ڪري ڇڏي.
سينيئر وزير مريم اورنگزيب موجب پورٽل وزيراعليٰ تائين سڌي ريت ڄاڻ جو هڪ جديد ۽ اثرائتو ذريعو آهي، جنهن ذريعي نوجوان پنهنجا خيال، تجويزون ۽ راءِ پيش ڪري سگهن ٿا.
هن ٻڌايو ته پورٽل ۾ 20 سال ۽ ان کان وڏي عمر جي نوجوانن لاءِ الڳ سيڪشن ۽ انٽرفيس قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي سهولت موجب پنهنجون تجويزون جمع ڪرائي سگهن.
سندس چوڻ هو ته مريم نواز 2026 کي يوٿ جو سال قرار ڏنو آهي، نوجوان ان پورٽل تي پنهنجو نالو ۽ مختصر ڄاڻ فراهم ڪري تجويزون ۽ فيڊ بيڪ به شيئر ڪري سگهندا.
You might also like