واٽس ايپ تي پابندي، 10 ڪروڙ کان وڌيڪ واهپيدار متاثر

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روس ميٽا جي ملڪيت پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ کي باضابطا طور پنهنجي ملڪ ۾ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.
روس ۾ واٽس ايپ واهپيدارن جو انگ 10 ڪروڙ يا ان کان وڌيڪ آهي.
هڪ رپورٽ موجب روسي انتظاميا واٽس ايپ کي آن لائن ڊائريڪٽري مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ اثرائتي نموني روسي انٽرنيٽ مان خارج ڪيو ويو آهي.
روسي حڪومت ڪجهه عرصو اڳ چيو هو ته هو چاهي ٿي ته واهپيدار مقامي ميسيجنگ ايپ ”ميڪس“ ڏانهن منتقل ٿين، جيڪا وي چيٽ ايپ جي نقل آهي، پر ان ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ موجود ناهي.
ميٽا طرفان چيو ويو آهي ته روسي حڪومت واٽس ايپ کي مڪمل طور بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اسان جي واهپيدارن کي حڪومت جي نگراني هيٺ ڪم ڪندڙ ايپ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.
بيان موجب، روسي حڪومت 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ رابطن کان محروم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن سان روسي عوام کي حاصل تحفظ گهٽجي ويندو.
روسي حڪومت 11 فيبروري تي ٽيليگرام کي به آن لائن ڊائريڪٽري مان ڊليٽ ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ميٽا جي ٻين ايپس جهڙوڪ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تائين پهچ به ناممڪن بڻائي وئي آهي.
رپورٽن موجب، يوٽيوب تي به پابندي مڙهي وئي آهي، پر اهو واضح ناهي ته ان کي آن لائن ڊائريڪٽري مان مڪمل طور خارج ڪيو ويو آهي يا نه.
واضح رهي ته جولاءِ 2025 ۾ روسي پارليامينٽ جي هڪ ميمبر (جيڪو آءِ ٽي انڊسٽري کي ريگيوليٽ ڪندو آهي) چيو هو ته امڪان آهي ته واٽس ايپ کي به پابندي واري فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي.
واٽس ايپ جي مالڪ ڪمپني ميٽا کي روس انتهاپسند ادارن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو ۽ روسي صدر 2025 ۾ پرڏيهي ڪميونيڪيشن ايپس تي پابنديون سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.