اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر باجوه پنهنجي گهر ۾ ڪري پيو. اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا پنهنجي گهر ۾ ڪري پيو. ذريعن موجب، جنرل (ر) قمر جاويد باجوا کي ڪرڻ سبب جسم جي مختلف حصن ۾ زخم آياآهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي آرمي چيف کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي هو علاج هيٺ آهي. خانداني ذريعن موجب، اڳوڻو آرمي چيف اڱاري تي صبح جو 4:30 وڳي پنهنجي گهر جي واش روم ۾ ڪري پيو. خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) باجوا جي مٿي تي زخم آيا آهن ۽ هو آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ آهي.