ڪوٽ غلام محمد(رپورٽ: شڪيل خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد واسي بلوچ قيدي شخص پوليس حراست ۾ حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، مبينا طور تشدد ڪري ماريل شخص جو لاش وارثن ۽ برادري پاران شھر جي انٽري گيٽ وٽ رکي 10 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيوويو، گاڏين جو قطارون لڳي ويون، وارثن پاران پوليس عملدارن تي تشدد ڪري شبير بلوچ کي قتل ڪرڻ جا الزام هنيا ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوٽ غلام محمد ۾ 4 فيبروري تي بلوچ پاڙي مان گھران زبردستي بيماري جي حالت ۾ گرفتار ڪيل شبير بلوچ پوليس حراست ۾ حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، واضح رھي ته شبير بلوچ کي پوليس گھران بيماري جي حالت ۾ گرفتار ڪري چرس ھٿ اچڻ جي دعويٰ ڪندي مٿس سي نو جي ايف آءِ آر ڪٽي هئي، وارثن موجب ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي تي آڻڻ بعد شبير بلوچ تي بدترين تشدد ڪرڻ بعد ميرپورخاص سينٽرل جيل اماڻيو ويو جتي پڻ انتظاميا پاران مبينه طور پئسن جي گھر ڪئي وئي، پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ اتي به تشدد ڪيو ويو جنهن بعد حالت ويتر خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو اتي ھو فوت ٿي ويو، مقتول جي وارٿن عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسان جي ماڻهو تي ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او فرمان اگھيم، سپاهي جبار ڪنڀار ۽ ٻين تمام گھڻو تشدد ڪيو جنهن بعد حالت خراب ٿيڻ تي انهن ان کي ميرپورخاص سينٽرل جيل منتقل ڪيو جنهن بعد ھو وفات ڪري ويو، ٻئي پاسي مبينا طور تشدد ڪري ماريل قيدي جو لاش 10 ڪلاڪن تائين وارث انٽري گيٽ تي رکي احتجاج ڪيو ويو جنهن سبب ٽرئفڪ جي رواني شديد متاثر ٿي ان باوجود ڪنهن به داد رسي نه ڪئي صرف پي پي اڳواڻ عدنان احمد ڀرڳڙي ۽ پي پي تعلقه صدر حاجي رفيق احمد ڀرڳڙي ڌرڻي ۾پھچي وارثن سان ھمدردي جو اظهار ڪيو ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي، ٻئي پاسي ڌرڻي ۾ ڪو به اعليٰ پوليس آفيسر يا چونڊيل نمائندو نه پھتو جنهن بعد وارث لاش جي حالت خراب ٿيڻ تي مايوس ٿي لاش کي گھر ڏانهن کڻي روانا ٿي ويا جتي نماز جنازا ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سڳھيو ھو.