گل پلازا سانحو، عدالتي ڪميشن جو پهريون اجلاس، عوامي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر)سانحي گل پلازا تي جڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس ٿيو .اجلاس جي صدارت سنڌهاءِڪورٽ جي  جسٽس آغا فيصل ڪئي.اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري قانون ۽ گهروکاتي جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي.جڊيشل ڪميشن جاچ بابت هڪ عوامينوٽيس جاري ڪيوآهي .ڪميشن گل پلازا سانحي بابت عام ماڻهن کان ثبوت طلب ڪيا آهن، ڪميشن چيو آهي ته ڪو به شهري جنهن وٽ سانحي بابت اهم معلومات آهي اهو ڪميشن سان رابطو ڪري سگهي ٿو، ڪميشن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته اخبارن ۾ هڪ عوامي نوٽيس شايع ڪيو وڃي، عوامي نوٽيس ۾ ڪميشن جو ٽي او آر پڻ شامل آهي.عوامي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته گل پلازا سانحي بابت معلومات رکندڙ ماڻهو ڪميشن سان اي ميل ذريعي رابطو ڪري سگهن ٿا،عوامي نوٽيس ۾ چيو آهي ته 20 فيبروري کان اڳ عدالتي ڪميشن سان اي ميل ذريعي رابطو ڪري سگهجي ٿو، عدالتي ڪميشن جو اي ميل پتو gpi-coi@shc.gov.com تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.