11 فيبروري 56هين ورسيءَ جي مناسبت سان
پاڪستان جي قيام کان فوري پوءِ جڏهن ڪراچيءَ کي وفاقي راڄڌاني بڻائڻ جي ڳالهه ايوانن ۾ آئي، تڏهن اهو رڳو هڪ انتظامي فيصلو نه هو، پر سنڌ لاءِ هڪ انتهائي ڳرو سياسي ۽ جذباتي مسئلو بڻجي ويو. خواجه شهاب الدين پهريون ڀيرو ڪراچيءَ کي وفاق جي سڌي انتظام هيٺ آڻڻ بابت قرارداد پيش ڪئي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هاشم گذدر ان تجويز جي سخت ۽ ڀرپور مخالفت ڪئي. هاشم گذدر جو موقف هو ته ڪراچي تاريخي، جاگرافيائي ۽ آئيني طور سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي، ۽ ان کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ صوبي جي حقن تي سڌو حملو هوندو. پنهنجي تقرير ۾ هن خاص طور تي زور ڏنو ته جيڪڏهن وفاق کي راڄڌاني گهربل آهي ته اها سنڌ جي رضامندي ۽ مفاد کي نظرانداز ڪري نٿي ورتي وڃي سگهي.
برصغير جي مسلم سياسي تاريخ ۾ قراردادِ لاهور 1940 هڪ اهڙو بنيادي دستاويز آهي، جنهن نه رڳو پاڪستان جي قيام جي راهه هموار ڪئي، پر هڪ واضح سياسي ۽ آئيني تصور پڻ پيش ڪيو. هن قرارداد جي حمايت ان يقين سان ڪئي وئي هئي ته مستقبل جو پاڪستان آزاد رياستن يا وحدتن تي ٻڌل هڪ وفاق هوندو، جتي شامل ٿيندڙ وحدتون پنهنجي سڃاڻپ، وسيلن ۽ اختيارن جون مالڪ هونديون، ۽ صوبا مڪمل طور خودمختيار ۽ مقتدرِ اعليٰ تصور ڪيا ويندا.
سنڌ جي عوام ۽ قيادت به انهيءَ وفاقي تصور تحت هن قرارداد جي حمايت ڪئي، ۽ انهن اصولن جا محافظ بڻجندڙ اڳواڻن ۾ هاشم گذدر جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. هاشم گذدر انهن سياستدانن مان هئا، جن اصولن جي بنياد تي سياست ڪئي. هن طاقت جي مرڪزن آڏو جهڪڻ بدران آئين، تاريخ ۽ صوبائي حقن جي ڳالهه ڪئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ جڏهن نئين رياست کي راڄڌاني مقرر ڪرڻ جو سوال سامهون آيو، تڏهن ڪراچيءَ کي وفاقي راڄڌاني بڻائڻ جي تجويز آندي وئي.
هاشم گذدر جي مخالفت رڳو ڪنهن شهر يا زمين جي ٽڪري جي بچاءَ تائين محدود نه هئي، پر هو اصل ۾ قراردادِ 1940 جي اُن وعدي جي حفاظت ڪري رهيا هئا، جنهن جي بنياد تي پاڪستان وجود ۾ آيو هو. سندس خيال ۾ جيڪڏهن پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم رياست بڻجڻو آهي ته ان جي بنياد صوبن جي اعتماد، رضامندي ۽ خودمختياريءَ تي رکڻ لازمي آهي، نه ڪي مرڪزيت ۽ اختيارن جي ارتڪاز تي.
بدقسمتيءَ سان وقت ثابت ڪيو ته هاشم گذدر جا خدشا بي بنياد نه هئا. ڪراچيءَ کي وفاقي راڄڌاني بڻائڻ کان پوءِ سنڌ ۽ مرڪز وچ ۾ اختيارن، وسيلن ۽ انتظامي معاملن تي جيڪا ڇڪتاڻ پيدا ٿي، اها وقت سان گڏ وڌندي وئي. ايندڙ ڏهاڪن ۾ ڪراچي ڪڏهن وفاقي راڄڌاني، ڪڏهن مهاجر سياست جو مرڪز، ۽ ڪڏهن انتظامي تجربن جي ليبارٽري بڻجي وئي، پر شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا. اها به هڪ حقيقت آهي ته ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر، معاشي مرڪز ۽ ڪروڙين ماڻهن جو مسڪن آهي. هن شهر جا مسئلا حقيقي آهن-پاڻي، ٽرانسپورٽ، امن امان، روزگار ۽ بلدياتي سهولتون-پر انهن مسئلن جي جڙ ٻولي يا صوبائي وابستگي نه، پر ناقص حڪمراني ۽ اختيارن جي غير منصفانه ورهاست آهي. هاشم گذدر هميشه انهيءَ نڪتي ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته جيڪڏهن صوبا ڪمزور ڪيا ويندا ته شهر به مضبوط نٿا ٿي سگهن.
اڄ، 56 ورهيه گذرڻ بعد، 11 فيبروري تي هاشم گذدر جي ورسيءَ جي موقعي تي اهو سوال اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو ته ڇا اسان واقعي قراردادِ 1940 جي واعدن کي نڀايو آهي؟ يا وقت سان گڏ اسان انهن اصولن کي وساري ڇڏيو آهي، جن جي بنياد تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو هو؟ اڄ جڏهن ڪراچيءَ کي ڪڏهن سنڌ کان ڌار صوبو بڻائڻ، ڪڏهن وفاقي شهر قرار ڏيڻ، ۽ ڪڏهن خاص انتظامي يونٽ ٺاهڻ جون تجويزون ڏنيون وڃن ٿيون، ته اهي رڳو انتظامي صلاحون ناهن رهنديون، پر صوبائي خودمختياري ۽ وفاقي ڍانچي لاءِ هڪ سنجيده چئلينج بڻجي وڃن ٿيون.
جيڪڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ته اهو رڳو هڪ صوبي کي ڪمزور ڪرڻ وارو عمل نه هوندو، پر اهو ان تاريخي معاهدي کان انحراف هوندو، جيڪو 1940 ۾ برصغير جي مسلمانن سان ڪيو ويو هو. اهڙو قدم ٻين صوبن لاءِ به هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪندو ۽ وفاقي وحدتن وچ ۾ اعتماد کي وڌيڪ نقصان پهچائيندو.
هاشم گذدر جي سياست اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته ڪراچيءَ جي مسئلن جو حل عليحدگي، ورهاست يا لساني بنيادن تي سياست ۾ نه، پر هڪ مضبوط، بااختيار ۽ شفاف بلدياتي نظام، وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ۽ آئيني حدن جي احترام ۾ لڪل آهي. اهڙو پاڪستان ئي مستحڪم ٿي سگهي ٿو، جتي صوبا پاڻ کي برابر جا شريڪ سمجهن، نه ڪي مرڪز جا ماتحت يونٽ.
اڄ هاشم گذدر اسان ۾ موجود ناهي، پر سندس آواز، سندس موقف ۽ سندس بصيرت اڄ به اسان کي خبردار ڪري ٿي ته تاريخ کي نظرانداز ڪرڻ جي قيمت قومن کي ڊگهي عرصي تائين ادا ڪرڻي پوندي آهي. هاڻي اهو اسان تي آهي ته ڇا اسان پاڪستان کي قراردادِ 1940 جي اصل تصور مطابق هڪ حقيقي وفاق بڻايون ٿا، يا ماضيءَ جون غلطيون ورجائيندا رهون ٿا.
چونڊ اقتباس
قراردادِ 1940 جي حمايت ان يقين سان ڪئي وئي هئي ته پاڪستان آزاد رياستن جو وفاق هوندو، نه ڪي صوبن کي ڪمزور ڪندڙ مرڪز“.
”ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ان آئيني وعدي جي نفي آهي، جنهن تي پاڪستان جو بنياد رکيل آهي“.
”صوبائي خودمختياري ڪا رعايت نه، پر وفاق جي بقا جي ضمانت آهي“.
”ڪراچيءَ جي مسئلن جو حل عليحدگيءَ ۾ نه، پر انصاف تي ٻڌل نظامِ حڪمرانيءَ ۾ آهي“.
”هاشم گذدر جو آواز اڄ به ياد ڏياري ٿو ته تاريخ کي نظرانداز ڪيو ويندو ته تڪرار جنم وٺندا آهن“.