سنڌ ۾ هڙتال جي ڪاميابي عوامي شعور ۽ مزاحمت جو مثال آهي: زين شاهه

ڄامشورو( پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس پارٽي صدر سيد زين شاھ جي صدارت ھيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿي گذريو. اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيبروري 8 تي ٿيل ھڙتال کي ڪامياب ڪندڙ پارٽي ورڪرن جي ڪم کي ساراهيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ ھڙتال کي روڪڻ لاءِ پوليس جي حڪومتي ونگار کي ننديو ويو، ڪارڪنن جي گهرن تي پوليس چڙهائيون، گرفتاريون ۽ هراسان ڪرڻ جو عمل واضع ڪري ٿو ته هي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن ۾ عام ماڻهن کي پنهنجو آئيني حق گهرڻ تي روڪي وڃي ٿو. اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ ٿيل ھڙتال دوران گرفتارين جي مذمت ڪئي وئي ۽ ھڙتال جي ڪاميابي، عوام جي بيداري، سياسي شعور ۽ هن ظالماڻي نظام خلاف هڪ اجتماعي مزاحمت ۽ نفرت جو واضح مثال آهي. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي شعبن جو جائزو ورتو ويو ۽ هر فرنٽن توڙي فورمن کي فعال ڪرڻ لاءِ ۽ تنظيم ڪاري ڪئي وئي. اجلاس ۾ پارٽي پروگرام کي عام ماڻهن تائين کڻي وڃڻ لاءِ قومي ڪچهرين ۽ رمضان شريف دوران افطار پارٽين جو بندوبست ڪيو ويندو.اجلاس ۾ روشن علي ٻرڙو، منير نائچ، آفتاب خانزادو، امير آزاد، امير علي ٿيٻو، منير حيدر شاھ، پير مطيع الله راشدي، مجيب ماڇي، ڊاڪٽر برڪت جتوئي، مختيار ميمڻ، فتح خاصخيلي، روشن ڪلھوڙو، سيد سارنگ مرتضي، جونيئر جي ايم سيد، اصغر قريشي، ھنجھراج، ياسين، رمضان ٻرڙو، خواجه نويد امين، ڊاڪٽر انعام ڀٽي، رمضان ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.