حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان اشرف پليجي قومي عوامي تحريڪ پاران ٿيندڙ جلسن جو شيڊول جاري ڪندي پريس بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني لاقانونيت،ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي لٽ مار، غيرقانوني طور ترسيل افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جي وحدت تي وار،26، 27 آئيني ترميمن ، ڪراچي وفاقي حوالي ڪرڻ ۽ پوليس دهشتگردي خلاف (اڄ) دادو ضلعي جي شهر راڌڻ ۾ ريلي ڦاٽڪ کان ريلي گرائونڊ تائين قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ پنڌ مارچ ڪري جشن لطيف ۽ جلسو ڪوٺايو ويندو، راڌڻ شهر کي قومي عوامي تحريڪ جي جھنڊن ۽ پينافليڪسن سان سينگاريو ويو، ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ملڪ اڳ ۾ ئي سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آھي ملڪ ڪرپشن، خوف ۽ انتقام سان نه ھلندو.برابري، انصاف ۽ رواداري سان ترقي ڪندو. پيپلز پارٽي سنڌ کي پوليس جي غنڊا گردي، ڪرپشن، سرداري نظام، ڏوھن ۽ وڏيرا شاھي جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آھي. هن چيو ته حڪمران طبقي ۽ ڪامورن لاءِ بيشمار مراعتون آھن. بجلي، گئس، صحت جي سھولتن سميت ھوائي سفر ۽ ٻيون سھولتون مفت آھن پر ملڪ جي ھاري، پورھيت، مزدور، محنت ڪش ماڻھو لاءِ 2 وقت جي ماني حاصل ڪرڻ به مشڪل آھي.