ڀٽ شاھ (رپورٽ:ارشاد علي ٻگھيو )ٽنڊو آدم تعلقي پوليس جو ڪارنامو، ڀٽ شاھ مان ٽيسٽ لاءِ ويندڙ نوجوان شاگرد کي پوائنٽ مان لاهي گم ڪري ڇڏيو، ٽنڊو آدم تعلقي ٿاڻي تي نوجوان شاگرد راحيل سولنگي کي ظاهر ڪرڻ بدران پوليس ڌمڪين جي ايف آئي آر ظاهر ڪري ڇڏي، ڀٽ شاھ جي شيخ پاڙي سان تعلق رکندڙ مردن ۽ عورتن پاران ليڊي هيلٿ ورڪر مسمات صاحبزادي سولنگي، مسمات نبيلا سولنگي، محمد سومار سولنگي، مسمات اقرا سولنگي، مسمات بسنا سولنگي، مسمات امي حبيبه سولنگي، مسمات اريج سولنگي ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين جو چوڻ هو ته ٽنڊو آدم تعلقا ٿاڻي جي پوليس بااثرن جي ونگار وهي ظلم ڪري رهي آهي پوليس ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ويندڙ نوجوان 20 سالن جي شاگرد ڪمال حيدر عرف راحيل سولنگي کي ڀٽ شاه جي الله والا چوڪ کان پوائنٽ مان لاهي کنڀي کڻي وئي آهي، نوجوان کي ٽيسٽ ڏيڻ کان به محروم ڪيو ويو آهي پوليس بااثرن جي ونگارو بڻيل آهي ليڊي هيلٿ ورڪر صاحبزادي سولنگي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اطلاع تي ملڻ لاءِ وياسين ته ٽنڊو آدم تعلقا پوليس نوجوان سان ملڻ نه ڏنو ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي ڏيکاري چيو ته توهان جي پٽ تي ڪيس داخل آهي، اسان جو اڳ ۾ بااثرن خلاف ٻن سالن کان عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي جن نياڻي تي وحشياڻو تشدد ڪري ظلم ڪيو هو ان ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.