ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميري ايڊيليڊ ليپروسي (ڪوڙهه ) سينٽر جي ست ڏهاڪن تي پکڙيل انسان دوست خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته اداري جي پلاٽينم جوبلي ۽ 73هين عالمي ڏينهنِ جذام جي موقعي تي شفا، اميد ۽ انسانيت کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو پيو وڃي۔ مقامي هوٽل ۾ منعقد تقريب ۾ جرمني جي قونصل جنرل، ايم اي ايل سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارون لوبو ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ايم اي ايل سي جو سفر ڪوڙھ جي بيماري تي ضابطو آڻڻ واري پروگرام کان هڪ نمايان انسان دوست اداري تائين پهچڻ انتهائي ساراهه جوڳو آهي۔ ڊاڪٽر رٿ فاؤ کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته سندس نالو پاڪستان ۾ جذام خلاف جدوجهد جي علامت بڻجي چڪو آهي۔ هن ڊاڪٽر فاؤ سان لاڳاپيل مذهبي جماعت “ڊاٽرز آف دي هارٽ آف ميري” جي ڪردار کي پڻ ساراهيو جنهن ايم اي ايل سي جي پائيدار ورثي جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن 1962ع کان جرمني جي عوام جي مسلسل انسان دوست مدد تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ڊاڪٽر رٿ فائو کي سرحدن کان مٿانهون همدرديءَ جي مضبوط علامت قرار ڏنو.